حريم شاهه برطانوي سياسي ۾ قدم رکي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ حريم شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته هن برطانوي سياسي پارٽي لبرل ڊيموڪريٽس ذريعي برطانوي سياست ۾ قدم رکيو. هن سال مارچ ۾ حريم شاهه چيو هو ته هوءَ سياست ۾ آئي آهي ۽ مستقبل ۾ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر ٿيڻ جو ارادو رکي ٿي. حريم شاهه جو چوڻ هو ته هن برطانوي سياست ۾ باضابطا قدم رکيو آهي ۽ تازو اليڪشن ۾ لبرل ڊيموڪريٽس لاءِ مهم هلائي.حريم شاهه چيو ته مون برطانيا ۾ لبرل ڊيموڪريٽس لاءِ ڪم شروع ڪيو آهي، ان لاءِ لبرل ڊيموڪريٽس جي شڪرگذار آهيان جن مون کي لائق سمجهيو ۽ پنهنجي پارٽي جو حصو بڻايو، مان لبرل ڊيموڪريٽس جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس. مان هن ملڪ ۾ رهڻ دوران پنهنجو بهترين ڪردار ادا ڪري سگهان ٿو.حريم شاهه چيو ته حقيقت ۾ مان پاڪستاني آهيان ۽ برطانوي پارليامينٽ ۾ ويٺي پنهنجي سياسي پارٽي لاءِ ڪجهه ڪرڻ پاڪستاني هجڻ جي حيثيت سان منهنجي لاءِ وڏي ڪاميابي آهي، ان کان علاوه منهنجا ڪجهه ٻيا دوست به هن پارٽي ۾ ڪم ڪري رهيا آهن هن جماعت لاءِ ڪيترائي پاڪستاني به ڪم ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو