حزب الله جو اسرائيل تي راڪيٽ ۽ ڊرون حملا

بيروت(ويب ڊيسڪ) لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله پنهنجي ڪمانڊر فواد شاڪر جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ رات دير سان اسرائيل تي 320 راڪيٽ ۽ 100 کان وڌيڪ ڌماڪيدار ڊرون فائر ڪيا.الجزيره نيوز موجب حزب الله اتر اسرائيل جي مختلف شهرن تي ڊرونز ۽ راڪيٽن سان حملا ڪيا، حزب الله پنهنجي حملي ۾ اسرائيلي فوجي تنصيبات ۽ آئرن ڊوم دفاعي نظام کي نشانو بڻايو.حزب الله طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان پنهنجي ڪمانڊر فواد شاڪر جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ اسرائيل تي 320 راڪيٽ فائر ڪيا ۽ اهو اسان جي انتقام جو پهريون مرحلو آهي، جيڪو هاڻي مڪمل ٿي چڪو آهي. حزب الله جي حملي کان پوء، تل ابيب ڏانهن ۽ سڀني پروازن کي معطل ڪيو ويو، پر هاڻي بحال ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف حزب الله جي حملن کانپوءِ اسرائيل ۾ ايندڙ 48 ڪلاڪن لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.حزب الله جي حملن جي جواب ۾ اسرائيلي جنگي جهازن به لبنان تي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته اسرائيلي فوج به دعويٰ ڪئي آهي ته اسان جي هوائي فوج جي 100 جنگي جهازن اڳ ۾ ئي حزب الله جي راڪيٽ لانچر سائيٽن تي حملا ڪيا، هزارين راڪيٽ کي حزب الله جي حملي کان اڳ ئي تباهه ڪري ڇڏيو .

پهنجو تبصرو موڪليو