ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي انگلش ڪائونٽي لنڪاشائر سان معاهدو ڪري ورتو آهي. رپورٽن مطابق لنڪاشائر ڪائونٽي سيزن جون پهرين 6 ميچون کيڏڻ لاءِ حسن علي سان معاهدو ڪري ورتو آهي جنهن لاءِ ساڄي هٿ جو فاسٽ بالر پهرين اپريل تي انگلينڊ پهچندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حسن علي لنڪاشائر لاءِ 14 اپريل تي ڪينٽ ڪائونٽي خلاف ڪينٽربري ۾ ڊيبيو ڪندو جڏهن ته هو 19 مئي تائين لنڪاشائر ۾ موجود هوندو. انگلش ڪائونٽي سان معاهدو ڪرڻ کانپوءِ حسن علي چيو ته ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو انگلينڊ ۾ ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏندي خوشي ٿي رهي آهي.
هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته ليجنڊ وسيم اڪرم به لنڪاشائر لاءِ کيڏيو آهي پر مان ڪوشش ڪندس ته سندس نقش قدم تي هلان. ٻئي طرف لنڪاشائر جي هيڊ ڪوچ گلين چيپل جو چوڻ آهي ته هو حسن علي کي پهرين 6 ميچن لاءِ سائن ڪرڻ تي خوش آهي. هن چيو ته ڪافي سوچ ويچار کانپوءِ فيصلو ڪيو ته حسن علي اسان جي ٽيم لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو، هو ريڊ بال ڪرڪيٽ ۾ بهترين بالر آهي ۽ فرسٽ ڪلاس ۾ به تمام سٺي پرفارمنس ڏني آهي.