حسن نظاماڻي قتل جو هڪ جوابدار مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ

حيدرآباد (ن س )حيدرآباد پوليس مقابلي دوران واپاري حسن ناصر نظاماڻي جي اغوا ۾ ملوث وڌيڪ هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. حيدرآباد پوليس ترجمان موجب، ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد فتح باغ ويجهو ڏوهارين سان مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو.ترجمان موجب، مارجي ويل ڏوهاري جي شير محمد عرف شيرو ملاح طور سڃاڻپ ٿي. ترجمان موجب، مارجي ويل جوابدار واپاري جي اغوا واري معاملي ۾ سهولتڪار هو، سندس مٿان مختلف ٿاڻن تي 9 کان وڌيڪ ڪيس داخل هئا. پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته فرار جوابدار جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪئي وئي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو