آڪلينڊ(ويب ڊيسڪ)پاڪستان حسن نواز جي تيز ترين سينچري سبب ٽئين ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ نيوزيلينڊ کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، پاڪستان 205 رنز جو حدف 16 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو، محمد حارث ۽ حسن نواز اننگ شروع ڪئي ته ٻنهي جارحاڻو انداز اختيار ڪيو ۽ چهين اوور ۾ حارث 74 جي مجموعي اسڪور تي 3 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 20 بالن تي 41 رنسون ٺاهي جيڪب ڊفي جي بال تي مچل هي هٿان ڪيچ ٿيو. پاور پلي ۾ پاڪستان 10 رنز في اوور کان مٿي ئي اسڪور رکيو. جنهن بعد ڪپتان سلمان علي آغا آيو ته هن به رن ريٽ ڪرڻ نه ڏنو ۽ هو ٻن ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 31 بالن تي 51 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. جڏهن ته پوين ٻنهي ميچز ۾ زيرو تي آئوٽ ٿيندڙ اوپنر حسن نواز هن ميچ ۾شاندار ۽ جارحاڻي اننگ کيڏي، پنجاب جي شهر ليا سان تعلق رکندڙ هن نوجوان 7 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 45 بالن تي 105 رنز ناٽ آئوٽ ٺاهي ميچ کٽائي ورتي. آڪلينڊ ۾ کيڏي ويل ٽئين ٽي 20 ۾ پاڪستان جي دعوت تي پهريان کيڏندي ميزبان ٽيم 19.5 اوورن ۾ 204 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو، ۽ پهرئين ئي اوور ۾ شاهين آفريدي جي بال تي حارث رؤف جي شاندار ڪيچ سبب نيوزيلينڊ جي پهرين وڪيٽ 3 رنز جي مجموعي اسڪور تي ڪري پئي. تنهن هوندي به ميزبان ٽيم جارحاڻي راند ڏيکاري ٻي وڪيٽ جي شراڪت ۾ 40 رنز ٺاهيا، جنهن کان پوءِ ٽم سيفرٽ 43 جي مجموعي اسڪور تي 19 رنز ٺاهي حارث رؤف جي بال تي سلمان علي آغا هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. نيوزيلينڊ جي ٽين وڪيٽ 98 جي مجموعي اسڪور تي ڪري، جڏهن ڊيئرل مچل 17 رنز ٺاهي شاداب خان جي بال تي حارث رؤف جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو، جڏهن ته جيمز نيشم 3 رنز ٺاهي عباس آفريدي جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو. مارڪ چيپمين 4 ڇڪن ۽ 11 چوڪن جي مدد سان 44 بالن تي 94 رنز جي طوفاني اننگز کيڏي، پر نروس نائينٽيز جو شڪار ٿي ويو ۽ 141 جي مجموعي اسڪور تي شاهين شاهه آفريدي جي بال تي شاداب خان کي ڪيچ ڏئي ويٺو. نيوزيلينڊ جي ڇهين ۽ ستين وڪيٽ 164 جي مجموعي اسڪور تي ڪري، مچل هي ۽ ڪائلي جيميسن کي ابرار احمد کلين بولڊ ڪيو. هو هيٽ ٽرڪ تي هو پر کيس ٻيهر اوور نه مليو. مچل بريسويل 193 جي مجموعي اسڪور تي 31 رنز ٺاهي حارث رؤف جي بال تي ڪلين بولڊ ٿي ويو، جڏهن ته نائون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر اش سوڍي هو، جن کي حارث رؤف محمد حارث جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو، جڏهن ته جيڪب ڊفي 2 رنز ٺاهي عباس آفريدي جي بال تي عرفان خان هٿان ڪيچ آئوٽ ٿي ويو . هن اهم ميچ لاءِ پاڪستان ٽيم ۾ 2 تبديليون ڪيون ويون، محمد علي ۽ جهانداد خان کي ڊراپ ڪري، ابرار احمد ۽ عباس آفريدي کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو. ياد رهي ته پنج ميچز جي ٽي ٽوئنٽي سيريز جون پهريون ٻئي ميچون نيوزيلينڊ کٽيون آهن.
