اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مخالف ڌر جي اتحاد جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي جو چوڻ آهي ته الزام تڏهن لڳڻ شروع ٿين ٿا جڏهن ماڻهو انصاف جو مطالبو ڪندا آهن.اسلام آباد ۾ هڪ قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته انسان بنيادي طور تي حڪومت ڪرڻ جي حق ۾ حصو چاهين ٿا.محمود خان اچڪزئي چوي ٿو ته اسان جي ملڪ کي مليل آزادي جا ميوا تري تائين نه پهتا آهن.هن چيو ته اسان جي ماڻهن کي حڪمراني جي حق ۾ ڀائيوار نه بڻايو ويو.
