حماس اڳواڻ يحيٰ سنوار ڪيئن قتل ٿيو؟ مڪمل ڪهاڻي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)16 آڪٽوبر تي غزا جي علائقي رفاه ۾ اتفاقي طور حماس اڳواڻ اسرائيلي جي ٽريني جٿي سان مقابلي ۾ مارجي ويو، جنهن جو اعلان اسرائيل 17 آڪٽوبر تي ڪيو ۽ ان جي تصديق حماس 18 آڪٽوبر تي ڪئي. 62 سالن جي حماس اڳواڻ يحيٰ سنوار جو قتل اسرائيل جي وڌي ڪاميابي آهي ڇو ته 7 آڪٽوبر 2023 تي اسرائيل تي ٿيل حملي جو هو ماست مائينڊ هو. آمريڪا ۽ اسرائيل جو نمبر ون ٽارگيٽ هو. هڪ سال کان آمريڪا ۽ اسرائيل جو سرويلينس سيسٽم جيڪو دنيا جو نمبر ون سيسٽم آهي، سنوار کي ڳولڻ ۾ ناڪام رهيو، ڇو ته حماس اڳواڻ ڪو به اليڪٽرانڪ گيجٽ استعمال نه ڪندو هو. 16 آڪٽوبر تي منجهند جو 2 وڳي ڌاري اسرائيل جو ٽريني جٿوکنڊر بڻيل عمارت وٽ گشت ڪري رهيو هو ته هنن کي ڪجهه ٻٽ ٻڌل جنگجو نظر آيا جن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 جنگجو مارجي ويا پر هڪ جنگجو زخمي حالت ۾ هڪ تباهه ٿيل عمارت ۾ داخل ٿيو جتي هو هڪ ڀڳل صوفي تي ويهي رهيو. اسرائيلي فوجين ڊرون ان عمارت ۾ موڪليو جيئن فوٽيج حاصل ڪري سگهن. ڊرون جڏهن سنوار جي ويجهو پهتو ته هن کيس لٺ هنئي ۽ اهو سڄو لڪاءُ اسرائيلي ڪنٽرول روم مان مانيٽر ٿي رهيو هو. جنهن بعد حڪم ملڻ تي اسرائيلي فوجي ٽئنڪن کنڊر بڻيل عمارت کي تباهه ڪيو جنهن ۾ سنوار مارجي ويو. سندس مارجڻ بعد ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين اسرائيلي فوجي سندس ويجهو نه پيا وڃن ته ڪٿي بارودي سرنگ نه وڇايل هجي. مڪمل ڪليئرنس بعد هو سنوار جي لاش وٽ پهتا ۽ کيس کڻي ليبارٽري ۾ تصديق لاءِ آيا. جتي سندس ڏندن ۽ آڱوٺن جي تصديق بعد سندس مارڻ جو اسرائيل اعلان ڪيو. سنوار زندگي جا 22 سال اسرائيل جي جيل ۾ گذاريا هئا. 2011 ۾ قيدين جي مٽا سٽا واري معاهدي بعد کيس آزاد ڪيو ويو هو. قاهره ۽ دوحا م جنگبندي جي ڳالهين دوران حماس جي وفد اهو چئي ڳالهيون روڪيون هيون ته هو سنوار سان مشوري بعد اڳتي وڌندا. اسرائيلي انٽيليجنس رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته سنوار غزا جي ان سرنگهه ۾ لڪل آهي جتي اغوا ڪيل اسرائيلين کي انساني ڍال بڻايو ويو آهي. سنوار جي قتل بعد اها رپورٽ به غلط ثابت ٿي. سنوار زندگي جي آخري لمحي ۾ به تاريخ لکي ويو ته هو سياسي اڳوان سان گڏوگڏ فائيٽر به هو. خان يونس جي رهواسي سنوار جي قتل بعد اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو ته هاڻي جنگ جي خاتمي جي شروعات ٿي آهي. اسرائيل چاهي ٿو ته غزا جو نالو نشان ختم ڪري پوءِ مغربي ڪناري تي قبضو ڪري ۽ فلسطينين جي ڌرتي کي اسرائيل جو حصو بڻائي ڇڏي. جيتوڻيڪ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ آمرڪي صدر جو بائيڊن دعوا ڪئي آهي ته هنن انٽيلجنس جي بنياد تي کيس قتل ڪيو پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو