حيدرآباد ۾ پوليو سبب 29 مهينن جو ٻارڙو معذور

حيدرآباد (ن س )حيدرآباد جي تعلقي نيرون ڪوٽ ۾ 29 مهينن جو ٻار پوليو سبب معذور ٿي ويو.اختيارين موجب پوليو وائرس ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڏي پيماني تي پکڙجي رهيو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ پوليو متاثر ٻارڙن جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي، جڏهن ته بلوچستان جي ڪوئيٽا بلاڪ ۾ به پوليو وائرس تمام گهڻو وڌي رهيو آهي.اختيارين موجب هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ پوليو متاثر ٻارڙن جو انگ 24 ٿي ويو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻارن کي پوليو کان بچائڻ جو ٻيو ڪو به رستو ناهي، والدين ڪنهن به سازشي ٿيوري تي يقين نه رکن ۽ پنهنجن ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري.

پهنجو تبصرو موڪليو