اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزا فاطما چيو آهي ته اسان کي انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو ڪو شوق ناهي پر قومي سلامتي کان وڌيڪ ڪجهه ناهي.قومي اسيمبلي ۾ انٽرنيٽ جي بندش ۽ رفتار بابت اُٿايل اعتراضن جو جواب ڏيندي شزا فاطما چيو ته آءِ ٽي وزارت ملڪ ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، اسان کي ملڪ جي ڊجيٽل سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻو آهي، اسان کي پنهنجي شهرين کي محفوظ بڻائڻو آهي، اسان شهرين جي ڊيٽا جي حفاظت ۽ سيڪيورٽي جا ذميوار آهيون.هن چيو نه ته انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو ڪو شوق آهي ۽ نه ئي ان جو ڪو فائدو آهي، منهنجي هٿ ۾ ڪو بٽڻ ناهي ته انٽرنيٽ بند ڪري ڇڏيان پر سيڪيورٽي سببن جي ڪري ڪجهه مسئلا اچي رهيا آهن، سيڪيورٽي لاءِ انٽرنيٽ بند ٿي پر لينڊ لائن بلڪل به بند ناهي ٿي، قومي سلامتي کان وڌيڪ ڪجهه ناهي.سندس چوڻ هو ته گهرو وزارت جي هدايت تي پي ٽي اي ايڪس کي بند ڪيو آهي، سيڪيورٽي خدشن تي ريگوليٽري نظام حرڪت ۾ ايندو آهي، ڏکيائيون پيش اچڻ تي واهپيدارن سان معذرت ڪيون ٿا، اپريل 2025 ۾ فور جي ۽ فائيو جي اسپيڪٽرم هوندو.
”فائر وال جو ٻڌي ٻڌي ڪَن پَچي پيا آهن“ پ پ ميمبر
قومي اسيمبلي اجلاس دوران پ پ ميمبرن انٽرنيٽ جي رفتار ۾ سستي جو معاملو اٿاري ڇڏيو. قومي اسيمبلي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي شازيا مري چيو کِل اچي رهي هئي ته اهڙي انٽرنيٽ اسپيڊ ۾ ڊجيٽل نيشن بل آندو ويو، فائر وال جو ٻڌي ٻڌي ڪَن پَچي پيا آهن. هن چيو ته حڪومت جا قدم مذاق آهن، ملڪ ۾ انٽرنيٽ بند آهي ۽ ڊجيٽل پاڪستان جو بل پيش ڪيو پيو وڃي، سوال ڪجهه پڇيا ويندا آهن ۽ جواب ڪجهه ڏنا ويندا آهن.سندس چوڻ هو ته اسان سوشل ميڊيا جي خلاف ناهيون پر ان جي غلط استعمال جا مخالف آهيون، جيڪي سوشل ميڊيا جو غلط استعمال نٿا ڪن، انهن کي ڇا جي سزا ڏني پئي وڃي. عبدالقادر پٽيل چيو ته انٽرنيٽ جو جيڪو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي، اهڙو ڪڏهن ناهي ٻڏو، نه ايڪس ٿو هلي نه واءِ ۽ زيڊ، نه وائيس نوٽ ٿا کلن ۽ نه تصوير اپ لوڊ ٿي رهي آهي، ڪاروبار ۽ ٻارن جي تعليم جو نقصان ٿي رهيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه مملڪتي وزير شزا فاطما جي جواب تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ايترا معزز ميمبر انٽرنيٽ جي شڪايت ڪري رهيا آهن، اسان به انٽرنيٽ استعمال ڪندا آهيون، انٽرنيٽ جي اسپيڊ ٺيڪ ناهي، بهتر ڪرڻ جي گنجائش آهي، بهتر ٿيڻ گهرجي.