ڪراچي(رپورٽ اشتياق احمد) اربع ڏينهن حڪومتي مداخلت سبب جتي هڪ پاسي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري نظر آئي ته ٻئي پاسي ڊالر جي پرواز ۽ سون جي اگهن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مشير خزانه جي هدايت تي رياستي ۽ سرڪاري ادارن شيئرز جي خريداري شروع ڪئي ته اسٽاڪ ماڪيٽ م تيزي آئي ۽ 1200 پوائنٽ انڊيڪس وڌي وئي. جڏهن ته ڊالر جي قدر ۾ هڪ روپيو گهٽتائي ٿي آهي ۽ سون جا اگهه تقريبن 800 روپيا گهٽ ٿيا آهن. هوڏانهن سعودي عرب پاران اوڌر تي تيل فراهم ڪرڻ جي منظوري بعد ڊالر تي دٻاءُ گهٽيو آهي. حفيظ شيخ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو آهي ته جولاءِ کان سعودي عرب هر مهيني ساڍا ستاويهه ڪروڙ ڊالر جو تيل موخر ادائگي تي فراهم ڪندو. حڪومتي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت مخالف جماعتن منصوبي هيٺ ڊالر جي خريداري ڪري بحران پيدا ڪرن جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ جلد حڪومت ان ڏس ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪندي. ياد رهي ته پرويز مشرف جي دور ۾ جڏهن اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش ڪيو هو ته ان وقت شوڪت عزيز رياستي ۽ سرڪاري ادارن معرفت شيئرز خريد ڪيا هئا ۽ انهن ادارن جا اربين روپيا ٻڏي ويا هئا.
سنڌودرياءَ مان اضافي واهه، صوبي جي زرعي معيشت لاءِ خطرو آهن، شاهه
ڏکڻ ڪوريا ۾ صدر پاران مارشل لا لاڳو، پارليمان حڪم رد ڪري ڇڏيو
حڪومت يرغمال آهي، فيصلا اسٽيبلشمينٽ پئي ڪري: مالڪ بلوچ
حڪومت، آءِ ايم ايف جي پهرين جائزي ۾ 3 وڏا ٽارگيٽ پورا ڪرڻ ۾ ناڪام
آخري پتو باقي آهي، في الحال استعمال نه ڪندس: عمران خان
پاڪستان جي زمبابوي کي 10 وڪيٽن تان شڪست، سيريز به کٽي ورتي
هواوي جادوئي ٽيڪنالوجي وارو فون متعارف ڪرائي ڇڏيو
بلاول سان چيني سفير جي ملاقات،ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون
بهاولپور ۾ هڪ گهر مان 5 ڄڻن جا لاش هٿ
پي ٽي آءِ دهشتگرد گروهه آهي،مريم نواز
حڪومت سان گڏجي سامونڊي علائقن جي ترقي لاءِ سرگرم آهيون
امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام قربانيون ڏنيون آهن: امين
شدت پسندي ۽ انتهاپسندي پي ٽي آءِ جي عادت رهي آهي: شاهه
ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس، مُک جوابدارن جون ضمانتون واريون درخواستون رد
گهوٽڪي ۾ لڳل گهاري جو نوٽيس،جلد گهاري کي بند ڪرڻ جي هدايت
سانگهڙ ۾ بليڪ ميلنگ سبب نينگري خودڪشي ڪري ڇڏي
پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ احتجاج پرامن ٿيڻ گهرجن:ميٿيو ملر
ڪراچي جي موسم تبديلي،تيز هوائون گھـُلڻ جو امڪان ظاهر
جوهر موڙ ڀرسان رهائشي عمارت ۾ هڪ ڄڻو قتل
جعلي خبرن لاءِ 5 سال قيد، 10 لک رپيا ڏنڊ، شروعاتي مسودو تيار