ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ گهر ڪئي آهي ته سنڌ ۾ اُرڙي تي ضابطو آڻي معصوم ٻارن جي حياتين کي بچايو وڃي، حڪومتي بي ڌياني سبب اُرڙي صوبي ۾ وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، تيل، گئس ۽ ڪوئلي سميت زراعت جي دولت سان مالا مال سنڌ سونهاري جا معصوم گُلن جهڙا ٻارڙا اُرڙي جي بيماري ۽ بُک وگهي مري رهيا آهن، پر حڪمران ٽولو گذريل 16 سالن کان فقط پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورو آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي وقتي امير ڪاشف سعيد شيخ سکر، تنگواڻي، ٺٽو، ٽنڊوالهيار ۽ سجاول سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اُرڙي وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ وارن واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ پاسي اُرڙي جي وبا گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان هلي رهي آهي ته ٻئي پاسي وري ٿر تي به هڪ ڀيرو ٻيهر بُک ۽ بيمارين حملو ڪيو آهي جتي غذائي کوٽ ۽ بيمارين جي نتيجي ۾ هيل تائين هزارين معصوم ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، ان سڄي صورتحال ۾ سنڌ سرڪار جو عوام کي رليف ۽ بيمارين کان بچاءُ لاءِ ڪوبه ڪردار نظر ڪونه ٿو اچي. حڪومت فقط تماشو ڏسڻ بدران اُرڙي جي وبا تي ضابطو ۽ ٿر ۾ غزا جي کوٽ پوري ۽ بيمارين جي سدباب لاءِ مستقل بنيادن تي سنجيده ۽ ڪرپشن فري قدم کڻي ڇو ته ٿر ۾ غذائي کوٽ جو مسئلو ڪو نئون ڪونه آهي. جماعت اسلامي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ اڳ ۾ ئي سهولتن جي کوٽ ۽ ويتر علاج مهانگو ٿيڻ جي ڪري غريب ماڻهو ٻيڻي عذاب ۾ آهي. اُرڙي توڙي غذائي کوٽ سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جون خبرون روزانو پرنٽ، اليڪٽرانڪ توڙي سوشل ميڊيا جون زينت بڻجي رهيون آهن، پر مجال آهي جو سنڌ سرڪار توڙي صحت کاتي کي ڪو هوش اچي. سنڌ حڪومت جي اها آئيني، اخلاقي ۽ بنيادي ذميواري آهي ته هو اُرڙي جهڙي موضي مرض جي خاتمي لاءِ جنگي بنيادن تي جوڳا قدم کڻي. ان سان گڏو گڏ اُرڙي جي بيماري جي بچاءُ توڙي ترت علاج لاءِ عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ جديد ذريعا ڪتب آڻي ته جئين گلن جهڙن مصعوم ٻارڙن جي حياتين کي ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجي.
ترميمن تي اڳڀرائي نه ٿي،بلاول،شهباز مولانا کي مڃائڻ ۾ ناڪام
ڪتابن جي مطالعي کان محروم اڄ جو نوجوان!
سنڌيار سکر 18 آڪٽوبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 18 آڪٽوبر 2024ع
جيڪڏهن اسان سان بدمعاشي ڪئي وئي ته بدمعاشي جهڙو سلوڪ ڪنداسين
چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان واپسي جو منتظر آهيان، رچرڊ گولڊ
اسرائيل پاران حماس جي نئين اڳواڻ يحيٰ سنوارجي قتل جي دعويٰ
پاڻي کوٽ سبب خوراڪ جي پيداوار 50 سيڪڙو متاثر ٿيڻ جو امڪان
ڀارتي ٽيم کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ گهرجي: نواز شريف
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، سمورا تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان
ايس ايس پي ڌاڙيلن جو سهولتڪار آهي، ڊي آءِ جي جو آءِ جي کي خط
زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي پيو
ضمانت تي آزاد ٿيندڙ جوابدارن تي فائرنگ، ڀائيٽو قتل،چاچو زخمي
ڪٿي سير سفر جو پروگرام رٿيو آهي؟ گوگل کان مدد وٺو
بُلا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي
سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪيتن بابت اهم بل منظور
بلاول جو موقف آهي ته سڀ پارٽيون متفقه طور تي آئيني ترميم ڪن
وڏي وزير جو يونيورسٽين ۾ جديد تربيت ۽ موثر تحقيق تي زور
ملڪ ۾ صرف مولانا آئين جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي پيو: فواد چوڌري
ڊيم فنڊ ۾ موجود رقم حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقلي جو حڪم