حڪومتي دعويٰ ڌوڙ،ملڪيت ٽرانزيڪشن تي ٽيڪس گهٽائڻ کان انڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ملڪيت جي ٽرانزيڪشن تي ٽيڪس جي شرح گهٽائڻ جي ايف بي آر جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي سربراهه ماهر بنچي چيو آهي ته مارچ 2025 جي هدفن کي گهٽائڻ تي ڪو به معاهدو نه ٿيو آهي.تفصيل موجب، اهو معلوم ٿيو آهي ته آءِ ايم ايف پنهنجي آخري فيصلي ۾ في الحال ايف بي آر جي ريئل اسٽيٽ سيڪٽر لاءِ ٽرانزيڪشن ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ، اعليٰ عملدارن دعويٰ ڪئي هئي ته آءِ ايم ايف اصولي طور تي پهرين اپريل 2025 کان ملڪيت خريد ڪندڙن تي لاڳو ڪيل ود هولڊنگ ٽيڪس ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي تي متفق ٿي چڪو آهي، بشرطيڪ آءِ ايم ايف کان تحريري منظوري حاصل ڪئي وڃي.هاڻي آءِ ايم ايف سرڪاري طور تي چيو آهي ته هو ملڪيت جي ٽرانزيڪشن تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي تي متفق نه ٿيو آهي.آءِ ايم ايف اڳ ۾ ئي تمباکو ۽ مشروبات تي ٽيڪس جي شرح گهٽائڻ کان انڪار ڪري چڪو هو ۽ هاڻي ايف بي آر جي ملڪيت جي شعبي لاءِ ٽيڪس جي شرح گهٽائڻ جي تازي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.ٻئي طرف پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف اسٽاف ليول معاهدي ڏانهن وڌي رهيا آهن، پر پاڪستان کي آءِ ايم ايف کي هڪ تحريري ضمانت ڏيڻي پوندي ته صوبا ڪڻڪ جي خريداري ۾ مداخلت نه ڪندا.آءِ ايم ايف موجوده 7 ارب ڊالر جي ايڪسٽينڊڊ فنڊ سهولت ۾ موسمياتي ماليات کي شامل ڪرڻ جي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، جيڪا لچڪ ۽ استحڪام جي سهولت تحت پيش ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو