اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 25-2024 لاءِ 18 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جي وفاقي بجيٽ اڄ پارليامينٽ هائوس ۾ پيش ڪندي. ناڻي واري وزارت بجيٽ جي تيارين کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي ۽ اڄ شام وفاقي ڪابينا بجيٽ جي حتمي منظوري ڏيندي جنهن کانپوءِ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب سالياني وفاقي بجيٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪندو. مسلم ليگ (ن) جي قيادت ۾ موجوده اتحادي حڪومت جو هي پهرين وفاقي بجيٽ آهي. هي بجيٽ ان وقت پيش ٿي رهي آهي جڏهن حڪومت جي وڏي اتحادي پارٽي، پي پي پي جا اهم اڳواڻ اهو بيان ڏيندا رهيا آهن ته کين ايتماد ۾ ناهي ورتو ويو. بجيٽ ۾ ٽيڪس وصولين جو ٽارگيٽ 12 هزار 970 ارب روپيا، قرض ۽ وياج جي ادائگين لاءِ 9 هزار 700 ارب روپيا رکيا ويندا. وفاق جي آمدن جو اندازو 15 هزار 424 ارب روپيا لڳايو ويو آهي. وفاق ۽ صوبن جي ترقياتي پروگرام لاءِ 3 هزار 792 ارب روپيا آهي. جي ڊي پي گروٿ جو ٽارگيٽ 3.6 سيڪڙو رکيو ويو آهي. وفاق پاران صوبن کي 7 هزار ارب ملندا، سبسڊي لاءِ 1509 ارب روپيا رکيا ويندا. پينشن لاءِ 960 ارب ۽ بينظير انڪم سپورٽ لاءِ 593 ارب رکيا ويندا. منجهند ج ڪابينا جي اجالس ۾ منظوري بعد شام جو قومي اسمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪئي ويندي.
سياست جو حقيقي مفهوم ۽ اسان جي ملڪ جي سياست
سنڌيار سکر 19 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 19 سيپٽمبر 2024ع
فوڊ اٿارٽي جون ڪاروايون،466 ڇاپن دوران دڪان،بيڪريون سيل ،ڏنڊ
نمبر پليٽس جي لاءِ آن لائن ٻولي ڏيڻ وارو عمل جلد شروع ڪيو ويندو
بلاول سان پ پ لائرز فورم جي ملاقات،آئيني ترميمن بابت بحث
آئيني ترميم تي حڪومت جو تيار ڪيل مسودو مڪمل طور تي رد ڪيو
190 ملين پائونڊ ڪيس، ٽرائل ڪورٽ کي حتمي فيصلو نه ٻڌائڻ جو حڪم
جي يو آءِ انٽرا پارٽي ڪيس، 2 مهينن جو وقت گهرڻ تي فيصلو محفوظ
سي ٽي ڊي مقابلو، 3 دهشتگرد پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا
جماعت اسلامي پاران 50 رپيا في لٽر پيٽرول گهٽ ڪرڻ جي گهر
واهي پانڌي ۾ ٻن ڌرين جي فائرنگ، عورت قتل، لاش رکي ڌرڻو
آرمي چيف ۽ ججز جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ گهرجي
سينيٽ مڪمل ناهي، ترميمون ڪيئن منظور ٿينديون؟ خان
ڪراچي جي روڊن جي مرمت لاءِ اڍائي ارب رپين جي منظوري
سيڪيورٽي مسئلو آهي ته ڪراچي ۾ جلسن تي پابندي لڳايو
لاهور جلسي جون تياريون جاري آهن: گنڊاپور
پنجاب واسين سان دوکو،سنگل فيز ميٽر وارن کي بجلي رعايت ملڻ لڳي
پاڪستاني بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جي حمايت نه ڪنداسين: آمريڪا
ايڪسچينج ۾ تيزي، انڊيڪس ۾ 542 پوائنٽس جو اضافو