حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته اسڪالرپش ڏيڻ عيوض هوءَ مهرباني بدران رڳو اِهو چاهي ٿي ته شاگرد ڏڦيڙن جو حصو نه بڻجن.اسلام آباد ۾ هونهار اسڪالرشپس پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اسڪالرشپس ڏيڻ عيوض مهرباني بدران رڳو اِهو چاهيان ٿي ته شاگرد ڏڦيڙن جو حصو نه بڻجن. هن چيو ته ڪا به ماءُ ناهي چاهيندي ته سندس اولاد ڀڃ ڊاهه، گارگند ڪري، نوجوان ڪنهن جي به ورغلائڻ تي ملڪ خلاف قدم نه کڻن، گارگند ۽ الزام بازي سيکارڻ وارو شاگردن جو سڄڻ نٿو ٿي سگهي. پنجاب جي وزيراعليٰ جو چوڻ هو ته هن کي رڳو سياسي مخالفت سبب ڪردار ڪشي جو منهن ڏسڻو پيو، هوءَ مخالفن جي ٿورائتي آهي جن کيس مضبوط بڻايو آهي. مريم نواز چيو ته شاگردن کي انٽرنيشنل اسڪالرشپس به ڏنيون وينديون، هن هونهار اسڪالرشپ ساليانو ٽيهه هزار مان وڌائي 50 هزار رپيا ۽ شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو