حڪومت جو 5 فيبروري تي عام موڪل جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ڪابينا ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، شهيد ڪشميرن لاءِ پنج فيبروري جي صبح 10 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هوندي ۽ سموريون سرڪاري آفيسون بند رهنديون. ياد رهي ته ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو هر سال پنج فيبروري تي ملهايو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو