حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي

پشاور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪندي.ان موقعي تي ڳالهائيندي شيخ وقاص اڪرم چيو ته وفاقي حڪومت ڳالهين جي معاملي تي سنجيده ناهي، حڪومت طرفان اڃا تائين ڳالهين واري ڪميٽي قائم ناهي ڪئي وئي.شيخ وقاص اڪرم چيو ته حڪومت حالتون بهتر ڪرڻ نٿي چاهي، سڀاڻي کان سول نافرماني شروع ٿي ويندي. هن چيو ته هو ڳالهين جي ڳالهه ڪرڻ تي اسپيڪر جا ٿورائتا آهيون، اسان نه ٿا چاهيون ته اسپيڪر قومي اسيمبلي ۾ درخواست جمع ڪرائي.

پهنجو تبصرو موڪليو