حڪومت معيشت کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پئي: شزيٰ فاطمه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزيٰ فاطمه خواجا جو چوڻ آهي ته حڪومت معيشت کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ڊجيٽلائيزيشن طرف وڌي رهيو آهي، ڪرنسي جي استحڪام سان صنعت کي تمام گهڻو فائدو پهتو آهي.شزيٰ فاطمه جو چوڻ آهي ته معيشت بهتر ٿي رهي آهي، مسئلا حل ٿي رهيا آهن، ٽيڪنالاجي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو ڏسڻ ۾ ايندو.هن چيو ته انٽرنيٽ جي رفتار ايتري نه آهي جهڙي هجڻ گهرجي، دنيا ڊجيٽلائيزيشن طرف وڌي رهي آهي.سندس چوڻ آهي ته حڪومت ڊيجيٽلائيزيشن تي قانون سازي تي ڪم ڪري رهي آهي، چئلينجن باوجود ملڪ ۾ ڊجيٽلائيزيشن کي فروغ ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن هاڻي معيشت بهتر ٿي رهي آهي ته اميد آهي ته ٻيون شيون به بهتر ٿينديون.اميد آهي ته ايندڙ 5 سالن ۾ اسان فائبرائيزيشن کي بهتر بڻائي سگهنداسين، رائٽ آف وي تي وڏي توجه سان ڪم ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو