اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي پاڪستان جي دوري دوران وفد جي مصروفيتن کي منظرِعام تي نه آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي وزارت جي ذريعن موجب، آءِ ايم ايف وفد جي لاءِ لکت ۾ ڪو به شيڊيول جاري نه ڪيو ويندو، جڏهن ته وفد جي ملاقاتن بابت ڄاڻ لاڳاپيل کاتن کي رڳو فون ذريعي ڏني ويندي. ياد رهي ته آءِ ايم ايف جو وفد گذريل ڏينهن پاڪستان پهتو هو، جيڪو ملڪ ۾ گورننس ۽ ڪرپشن بابت جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون ڪندو. ذريعن موجب، آءِ ايم ايف وفد مالي سال 2025-26 لاءِ بجيٽ تجويزن جو جائزو وٺندو ۽ گورننس بابت فني سهڪار جي حوالي سان پاڪستاني اختيارين سان فالو اپ ڳالهين ۾ حصو وٺندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفد ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس آمدني وڌائڻ، خرچن تي ڪنٽرول ۽ بجيٽ جي حتمي شڪل ڏيڻ بابت پاڪستاني اختيارين سان گڏجي تجويزون تيار ڪندو.
