اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته ملڪ خراب حالتن ۾ آهي ۽ حڪومت مخالف اتحاد کان ڊڄي رهي آهي. عمر ايوب چيو ته جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ ۾ وڏو فرق هيو، اسان جمهوريت جي خاطر گڏ ويٺا آهيون، اسان جي يو آءِ سان ڳالهين ۾ تمام گهڻو اڳتي نڪري آيا آهيون.هن کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن حڪومت تحريڪ کان اڳ ڳالهين جي آڇ ڪري ها ته ڇا هو قبول ڪري ها؟
