حڪومت کي اپوزيشن اتحاد مان ڪوبه خطرو نه آهي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته حڪومت کي اپوزيشن اتحاد مان ڪوبه خطرو نه آهي. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته معيشت جي بحالي ۾ حڪومت بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، هن چيو ته تحريڪ انصاف تشدد ۽ افراتفري ۾ اڳيان وڌي وئي آهي، جنهن جي بدولت اتحاد ڪمزور ئي رهندو.مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سان هٿ ملائيندڙ پارٽيون جمهوري روايتن جون پاسداري ڪنديون آهن، پر تحريڪ انصاف جي غير جمهوري قدمن سبب هن اتحاد جي ڪامياب ٿيڻ جو ڪوبه امڪان نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو