حڪومت کي لکت ۾ مطالبا ڏئي ڇڏيا آهن

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي ظفر چيو آهي ته حڪومت کي لکت ۾ مطالبا ڏئي ڇڏيا آهن، جواب ڏيڻ لاءِ 7 ڏينهن جو وقت آهي.وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي علي ظفر چيو ته القادر ٽرسٽ جي معاملي ۾ اين سي اي شڪ جي آڌار تي انڪوائري شروع ڪئي، اين سي اي پئسن کي ڊي فريز ڪري ڇڏيو يوڪي جي قانون موجب جيڪڏهن پئسا چوري جا هجن ته اهي ڊي فريز نٿا ٿي سگهن.هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ برطانوي عدالت به چيو ته اهي پئسا چوري جا نه آهن، نيب چيو ته پي ٽي آءِ باني جي ڪابينه پئسا ڊي فريز ڪرڻ جو چيو آهي.بيرسٽر علي ظفر چيو ته حڪومت کي لکت ۾ مطالبا ڏئي ڇڏيا آهن هاڻ انهن کي 7 ڏينهن ۾ جواب ڏيڻو آهي، حڪومت جواب نه ڏنو ته ڳالهين لاءِ گڏجاڻي نه ٿيندي.تحريڪ انصاف جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته جاچ آفيسر ٻڌايو ته پراپرٽي ٽائيڪون ۽ ان جي پٽ خلاف ڪيس نٿو ٺهي، برطانوي ڪورٽ کي ٻڌايو ويو ته پئسن بابت ڪنهن به قسم جا شڪ نه آهن، پوري ڪيس جي جيڪا عمارت بيٺل آهي اهو پئسو چوري جو آهي، پئسا سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ ڪابينه جي فيصلن کان پهرين آيو، پئسن کي اين سي اي 2018 ۾ منجمند ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو