حڪومت کي 3 مهينن اندر نئين نيب قانون آڻڻ جي مهلت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ حڪومت کي نئون نيب قانون آڻڻ لاءِ 3 مهينن جي مهلت ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ نيب آرڊيننس جي شق 25 اي تي پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ان سلسلي ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏنا ته اسان توقع رکون ٿا ته انتظاميه نيب قانون بابت مسئلي کي جلد حل ڪندي. نيب قانون جي حوالي سان مناسب قانون پارليامينٽ کان منظور ٿي ويندو جڏهن ته 3 مهينن ۾ مسئلو حل نه ٿيو ته پوءِ عدالت قانون ۽ ميرٽ کي ڏسندي فيصلو ڏيندي. ان موقعي تي چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو ته 25 اي جي معاملي تي ترميم ڪئي وئي؟ ڇا هي معاملو هاڻي ختم ٿي ويو.جڏهن ته جسٽس اعجاز الاحسن پڇيو ته نيب آرڊيننس جو سيڪشن 25 اي ختم ڪيو ويو آهي يا ان ۾ ترميم ڪئي وئي آهي؟ فاروق ايڇ نائيڪ عدالت کي ٻڌايو ته سينيٽ جي قائمه ڪميٽي ۾ منهنجو نيب آرڊيننس متعلق پرائيويٽ ميمبر بل موجود آهي ڪميٽي جي منظوري کان پوءِ اهو معاملو ايوان ۾ ويندو بل مطابق نيب جي آرڊيننس 25 اي کي مڪمل طور ختم ڪيو پيو وڃي. فاروق ايڇ نائيڪ جي دليلن تي چيف جسٽس چيو ته اسان معاملو حل ڪرڻ گهرون ٿا جيڪڏهن توهان کي بحث ڪرڻو آهي ته پوءِ سيڪشن 25 اي کي آئين جي متصادم ثابت ڪيو. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته نيب جا تمام گهڻا قانون آهن توهان جو ڪيس 25 اي بابت آهي ان حوالي سان بل حڪومت جو نه پر فاروق ايڇ نائيڪ جو آهي. چيف جسٽس چيو ته حڪومت نيب قانون جي معاملي کي وڌيڪ ڊگهو نه ڪري نيب قانون ۾ ترميم پارليامينٽ جو ڪم آهي سپريم ڪورٽ نيب جي ڪنهن به ايڪٽ کي غير آئيني قرار ڏنو ته نيب فارغ ٿي ويندي ڇا حڪومت چاهي ٿي ته نيب کي فارغ ڪري ڇڏيون حڪومت نيب آرڊيننس سان نيب جا پر ڪٽي ڇڏيا آهن نيب ۾ 10، 10 سال ڪيس پيل رهندا آهن. چيف جسٽس وڌيڪ رمارڪس ڏنا ته نيب جو قانون آهي ته پهرين انڪوائري ٿيندي پوءِ تحقيقات پوءِ وري 200 گواهه اهڙي طرح ته جوابدار خلاف سڄي عمر ڪيس ختم ڪو نه ٿيندو. جيستائين پارليامينٽ قانون سازي نه ٿي ڪري تيستائين اهو اختيار استعمال نه ٿي ڪري سگهي. جنهن کان پوءِ عدالت حڪومت کي 3 مهينن اندر نئون نيب قانون آڻڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو