حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي ٽئين دور تي ڊيڊ لاڪ برقرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي ٽئين دور تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ آهي ته ڳالهين لاءِ اجلاس گهرائڻ بابت حڪومت يا مخالف ڌر ڪو رابطو نه ڪيو آهي، پي ٽي آءِ جي ڪميٽي جي باني سان ملاقات حڪومت کي ڪرائڻي آهي، سندس ذميواري ناهي، حڪومت ۽ اتحادي فيصلو ڪن ته ملاقات ڪرائڻي آهي يا نه ڪرائڻي آهي، ڌريون راضي ٿين ته هڪ ٻن ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ لاءِ تيار آهي. حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڳالهين بابت بيان ۾ اياز صادق چيو ته ڳالهين واري ڪميٽين جي اجلاس گهرائڻ بابت حڪومت يا مخالف ڌر ڪو رابطو نه ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي جي تحريڪ انصاف باني سان ملاقات حڪومت کي ڪرائڻي آهي، اها سندس ذميواري ناهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته حڪومت ۽ اتحادي فيصلو ڪن ته ملاقات ڪرائڻي آهي يا نه ڪرائڻي آهي، ڌريون راضي ٿين ته هڪ ٻن ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته چار جنوري تي اسد قيصر سان ٽيليفونڪ ڳالهين ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو ته تحريڪ انصاف باني سان ملاقات جو مطالبو حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته تحريڪ انصاف اڳواڻ، راڻا ثناءُ الله ۽ حڪومت جي عملدارن سان سڌي ريت ڳالهيون ڪري سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو