حڪومت پاران 321 ارب جا ٽي بل وڪرو، وياج جي شرح گهٽجڻ جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ موجب حڪومت نيلامي ۾ 321 ارب جا ٽي بل وڪرو ڪيا آهن. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٽي بلن جي نيلامي جا تفصيل به ڄاڻايا ويا آهن. مرڪزي بئنڪ موجب حڪومت 3 مهينن جا بل 52 ارب رپيا وڪرو ڪيا ۽ 3 مهينن جي بلن جي ڪٽ آف ييلڊ 1.48 سيڪڙو کان گهٽجي 17.49 سيڪڙو ٿي وئي.اسٽيٽ بئنڪ موجب حڪومت 6 مهينن جي 144 ارب رپين جا بل وڪرو ڪيا ۽ 6 مهينن جي بلن جي ڪٽ آف يلڊ 1.01 سيڪڙو گهٽتائي سان 17.74 سيڪڙو ٿي وئي.ان کان علاوه حڪومت 125 ارب رپين جا 12 مهينن جا بل به وڪرو ڪيا آهن، جڏهن ته 12 مهينن جي بلن جي ڪٽ آف يلڊ 74 بيسس پوائنٽس جي گهٽتائي سان 16.99 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو