ح ج هه ق ڪ ف سان شروع ٿيندڙ نالن وارن کي نجومي جي صلاح

عمرڪوٽ( ن س) ملڪي سطح جي مشهور ايسٽرولوجسٽ، پامسٽ ۽ علم الاعداد جي ماهر ڀڳوانداس جٽيا چيو آهي ته اهرا ماڻهو جن جا نالا( ح ج هه ق ڪ ف ) سان شروع ٿين ٿا اهي 15 جولاءِ کان 15 آگسٽ تائين احتياط کان ڪم وٺن. هن چيو آهي ته انهن لفظن سان جن جا نالا شروع ٿين ٿا اهي ڄاڻايل عرصي دوران جهيڙي جهٽي، جذبات ۾ اچي ڪو فيصلو ڪرڻ کان به پاسو ڪن. هن جو چون آهي ته اسٽار مريخ مٿي ڄاڻايل حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن جي طالع يعني گهر ۾ داخل رهندو ۽ 15 آگسٽ بعد نڪرندو.ان عرصي ۾ مٿين حرفن جي نالن وارا ماڻهو پريشاني، ذهني دٻاءَ جو شڪار رهندا ان ڪري کين محطاط رهن گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو