ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪلچر کاتي خانا بدوش ڪيفي خالي ڪرائڻ لاءِ امر سنڌوءَ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، ڪلچر کاتي نوٽيس ۾ ڄاڻايو آهي ته خانا بدوش رائيٽرس ڪيفي بابت عدالتي فيصلي مطابق اوھان ڪرايو ادا نه ڪيو آهي ، نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 7 ڏينهن ۾ خانا بدوش ڪيفي خالي ڪريو بي صورت ۾ ڪارروائي ڪنداسين ، نوٽيس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻارن جي پارڪ ۾ قائم ڪيل خانا بدوش جي مسواڙ ادا نٿا ڪريو
