خانگي گاڏين تي سرڪاري نمبر پليٽون هڻندڙڻ خلاف ڪاروائي جو فيصلو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ سرڪار خانگي گاڏين تي سرڪاري نمبر پليٽس لڳائڻ وارن خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان آھي، سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ان سلسلي ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آھن. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن کاتي جو اھم اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ محمد سليم راجپوت، ڊي جي ايڪسائز اورنگزيب پنھور ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو تھ ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول سالياني ٽيڪس اوڳاڙين جو 34 سيڪڙو حاصل ڪري ورتو آھي، اجلاس جي موقعي تي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ايڪسائز کاتي کي ٽيڪس ٽارگيٽس وڌائڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙيون تيز ڪرڻ جا بھ حڪم جاري ڪري ڇڏيا. اجلاس ۾ ٽيڪسيشن جي نظام کانپوءِ گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر جي سھولت بھ گھر ويٺي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پھرين جنوري کان گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر بھ آن لائن ٿي ويندي، شھري گھر ويٺي گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر ڪرائي سگھندا ۽ موتر وھيڪل ٽيڪس بھ گھر ويٺي ادا ڪري سگھندا، روڪ ڊيلنگ ختم ٿيڻ سان عوام کي بھترين سھولت ملندي ۽ شفافيت کي بھ ھٿي ملندي، سنڌ سرڪار جي ويزن تحت ٽيڪس ادائگي جو نظام وڌيڪ سڻائو ٿي ويندو. ھن چيو تھ سنڌ سرڪار بھترين عوامي خدمتن جي فراھمي لاءِ پرعزم آھي، سمورن قدمن جو مقصد عوام جي مشڪلاتن جو خاتمو آھي، ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن کاتي ھاڻوڪي مالي سال جي ٽيڪس ھدف جو 34 سيڪڙو وصول ڪري ورتو آھي جيڪا سُٺي ڳالھھ آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سرڪاري نمبر پليٽس لڳائڻ وارين گاڏين کي بھ چيڪ ڪيو وڃي، خانگي گاڏين تي سرڪاري نمبر پليٽون لڳائڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، گاڏين جي رجسٽريشن، ٽيڪس ادائيگي ۽ نمبر پليٽس جي چيڪنگ جي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن. ھن ھدايتون ڏنيون تھ ٻوڏ متاثرن جي گھرن جي اڏاوت لاءِ فنڊ ريزنگ لاءِ پريمئم ۽ پرسنلائزڊ نمبر پليٽس جي ان لائن نيلامي لاءِ رابطا مھم تيز ڪئي وڃي، پريمئم ۽ پرسنل نمبر پليٽس جي آن لائن نيلامي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ مھم ھلائي وڃي.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ وڌ کان وڌ ماڻھن تائين رسائي يقيني بڻائي وڃي تھ جيئن گھڻا ماڻھو آن لائن نيلامي ۾ حصو وٺي سگھن، آن لائن نيلامي مان جمع ٿيندڙ رقم ٻوڏ متاثرن لاءِ گھرن جي تعمير لاءِ ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو