اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عمران خان ڀيڻ عليما خان جمعي تي پنهنجي ڀاءُ جو پيغام ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جا مطالبا پورا نه ٿيا ته سول نافرماني جي تحريڪ جو سڏ ڏينداسين. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي وطن رقم نه موڪلڻ جي اپيل ڪئي ويندي. جنهن بعد مرحليوار بل ادا نه ڪرڻ جي ڪال ڏينداسين. هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جو نظام سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪري هلي ٿو جيڪي اربين ڊالر ملڪ موڪلين ٿا. هن وڌيڪ چيو ته اهو تاثر درست ناهي ته نظام آءِ ايم ايف جي ڪري هلي ٿو. ساڳيو پيغام عمران خان جي ٽوئٽر هينڊل تان به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن خلاف رياستي دهشتگردي ڪئي پئي وڃي. سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪري.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو حڪم
گذريل ڏينهن اديالا جيل جي حد مان گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ اڳواڻن عمر ايوب، راجا بشارت، راجا احمد دانيال، احمد ناصر چٺا ۽ ملڪ عظيم کي گرفتار ڪيو هو. پوليس انهن کي جمعي تي جسماني رمانڊ لاءِ دشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ته پي ٽي آءِ جي وڪيلن چيو ته هي سڀ اڳ ۾ ئي ضمانت تي آهن، پوليس غير قانوني طور کين گرفتار ڪيو آهي ۽ عدالتي حڪم جي توهين ڪئي آهي. عدالت مٿي ڄاڻايل جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پوليس جي 5 آفيسرن خلاف توهين عدالت جي ڪاروائي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ڪاروائي
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ شاهه محمود قريشي، ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد، سينيٽر اعجاز چوڌري ۽ عمر سرفراز چيما تي 9 مئي جي ڪيسن م فرد جرم لاڳو ڪيو ويو. سڀني جوابدارن صحت جرم جو انڪار ڪيو. ڪوٽ لکپت جيل ۾ لڳايل عدالت جي ڪاروائي دوران پي ٽي آءِ جو وڪيل معظم ملڪ پيش ٿيو. عدالت 16 ڊسمبر تائين وڌيڪ ڪاروائي ملتوي ڪندي شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ کين طلب ڪرن جو حڪم ڏنو.
عمران خلاف ڪيسن جو انگ 186 ٿي ويو
وفاقي گهرو وزارت ۽ اسلام آباد پوليس پاران تيار ڪيل ڌار ڌار رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خلاف داخل مختلف ڪيسن جو انگ 186 ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب ڀڃ ڊاهه ۽ دهشتگردي جي الزامن هيٺ خان خلاف پنجاب ۾ داخل ڪيسن جو انگ 99 آهي، 2 ڪيس مٿس خيبرپختونخوا ۾ داخل آهن. جڏهن ته اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن تي خان خلاف 74 ڪيس داخل آهن. ايف آءِ اي ۾ 7 ڪيس داخل آهن جڏهن ته نيب ۾ به سندس خلاف توشا خانا سميت 3 ڪيس داخل آهن.
عورتن جا ﺣﻖ
سنڌيار ڪراچي 12 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 12 ڊسمبر 2024ع
رابطا بحال، ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ تي اتفاق
چئن مهينن ۾ گيس ساڍا 800 سيڪڙو مهانگي ٿيڻ جو انڪشاف
شام جا ڪهڙا علائقا ڪهڙي گروپ جي قبضي ۾ آهن؟
ڏاج جي آڙ ۾ مارٽر۽ راڪيٽس جي اسمگلنگ ناڪام، زال ۽ مڙس گرفتار
’سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي بابت پ پ جو ٻٽو معيار آهي‘
سنڌ بزرگ شهرين کي سهولتون فراهم ڪندڙ پهريون صوبو
سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي وارڊن جي اپ گريڊيشن جو فيصلو
صنفي بنياد تي تشدد جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ ٺهراءُ پيش
چمبڙ ڀرسان باهه لڳڻ سبب پورهيتن جا 40 گهر سڙي ويا
پي ٽي آءِ چيئرمين جو 9 مئي واقعن تي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو
9 مئي حملا: نيازي جي ڀيڻ ڏوهي ۽ 8 ڪارڪن بي ڏوهه قرار
لاهور هاءِ ڪورٽ جو پنجاب ۾ ڪتا مار مهم روڪڻ جو حڪم
آپگهاتي حملو: طالبان وزير خليل الرحمان حقاني مارجي ويو
مدرسا تعليم واري وزارت وٽ رجسٽرڊ ڪرائڻ اسان جو حق آهي
جانورن ۾ گهوگهي بيماري پکڙڻ لڳي،اٺ ڍور مري ويا
سپريم ڪورٽ فون ٽيپنگ جي قانون کي مبهم قرار ڏئي ڇڏيو
اسرائيلي فوج پاران بفرزون ۾ وڌڻ جو سلسلو جاري،علائقن تي قبضو