خان جي باري ۾ اسرائيلي اخبار يروشلم پوسٽ جو انڪشاف افسوسناڪ آهي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان جي باري ۾ اسرائيلي اخبار يروشلم پوسٽ جو انڪشاف افسوسناڪ آهي.اسرائيلي اخبار ۾ ڇپجندڙ آرٽيڪل تي رد عمل ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته اسرائيل پي ٽي آءِ باني جي کلي حمايت ڪري رهيو آهي، اسرائيل چئي رهيو آهي ته عمران خان اقتدار ۾ آيو ته انهي سان اسان کي فائدو ٿيندو، جيڪڏهن اسرائيل سمجهي ٿو ته پي ٽي آءِ باني انهي لاءِ بهتر آهي ته قوم کي سوچڻ گهرجي.هن چيو ته عمران خان بابت يروشلم پوسٽ جو انڪشاف افسوسناڪ آهي، لنڊن ميئر جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ باني پاڪستاني ڄائي شهري جي خلاف مهم هلائي، عمران خان جا سمورا ڪرتوت هاڻ سامهون اچي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو