خان خلاف اسلام آباد جي ٿاڻن ۾ 62 ڪيس داخل ،رپورٽ پيش

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ جي باني خلاف اسلام آباد ۾ داخل ڪيسن جي حتمي رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ نورين نيازي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.اسلام آباد پوليس حتمي رپورٽ ڊي ايس پي ليگل ساجد چيما ذريعي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.پوليس رپورٽ موجب پي ٽي آءِ جي باني خلاف اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن ۾ 62 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.گذريل ٻڌڻي تي پوليس ڪيسن جو زباني بيان ڏنو هو، جنهن تي عدالت حتمي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو