خراب موسم ۽ انتظامي مسئلن سبب 8 اڏامون رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي، لاهور، اسلام آباد جون 8 اڏامون خراب موسم ۽ انتظامي مسئلن سبب رد ڪيون ويون.فلائيٽ شيڊول موجب مختلف ايئرپورٽن جون 14 ملڪي ۽ غير ملڪي اڏامون به دير جو شڪار آهن.نجي ايئر لائن جو انتظامي بحران ٻئي ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب فلائيٽ شيڊول متاثر ٿي ويو آهي.ڪوالالمپور ۽ ڪراچي وچ ۾ 2 پرڏيهي ايئر لائنز او ڊي 135 ۽ 136 کي منسوخ ڪيو ويو.فلائيٽ شيڊول موجب لاهور ۽ شارجه وچ ۾ پي آءِ اي جون 2 اڏامون پي ڪي 150 ۽ 186 به منسوخ ڪيون ويون.اسلام آباد کان گلگت ويندڙ پي آءِ اي جون 4 اڏامون پي ڪي 601، 602، 603، 604 منسوخ ڪيون ويون آهن.فلائيٽ شيڊول موجب دمشق کان ڪراچي ويندڙ پرڏيهي ايئر لائنز جي اڏام ايس اي ڊبليو 661 ۽ 662 ۾ ساڍا ٽي ڪلاڪ جڏهن ته مسقط کان ڪراچي ويندڙ اڏام او وي 511 3 ڪلاڪ جي دير ڪئي وئي آهي.جده کان ڪراچي ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 762 ۾ 2 ڪلاڪ جڏهن ته ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 210 ۽ 211 هڪ هڪ ڪلاڪ جي دير ٿي.اسلام آباد کان ابوظهبي ويندڙ خانگي ايئر لائن جي اڏام پي اي 231 6 ڪلاڪ ۽ اسلام آباد کان جده ۽ دبئي ويندڙ اڏام 1.5 ڪلاڪ جي دير ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو