اسلام آباد(بيورو رپورٽ)24 سالن کانپوءِ پاڪستان جي دوري تي آيل آسٽريليا جي ٽيم سان گڏ عثمان خواجا به آيو آهي. جيڪو پاڪستاني نزاد ڪينگرو ڪرڪٽر آهي. عثمان خواجا جڏهن 4 سالن جو هو ته سندس خاندان آسٽريليا لڏي ويو ۽ سڊني ۾ اچي آباد ٿيو هو. هو ڪينگروز ٽيم ۾ شامل ٿيندڙ پهريون مسلمان ڪرڪيٽر هو. عثمان خواجه جي ڪهاڻي جو هڪ پهلو سندس راند آهي، کاٻي هٿ جو بيٽسمين گذريل ٻن سالن کان آسٽريليا جي ٽيسٽ اسڪواڊ کان ٻاهر آهي، ان کان اڳ جنوري ۾ پنهنجي شهر سڊني ۾ کيڏيل چوٿين ايشز ٽيسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ شاندار راند کيڏي. ميچ جي ٻنهي اننگز ۾ هن سينچريون اسڪور ڪري ٽيم ۾ پنهنجي جاءِ ٻيهر ٺاهي هئي. اسلام آباد ۾ پيٽ ڪمنز جي اڳواڻي ۾ پهچندڙ ٽيم جي اوپنر عثمان خواجا ورچوئل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ کيڏڻ منهنجي لاءِ خاص ڳالهه آهي. پنهنجي جذباتي بيان ۾ عثمان خواجا چيو ته آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم سان پاڪستان جو دورو هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن جي مون هميشه خواهش ڪئي آهي، هي اهو ملڪ آهي جنهن جي گهٽين ۾ مان وڏو ٿيو آهيان. هن چيو ته 4 مارچ کان شروع ٿيندڙ سيريز جي شروعاتي ٽيسٽ ۾ جڏهن پهريون بال اڇلايو ويندو، ان کان پوءِ ڪراچي ۾ ٻي ٽيسٽ 12 کان 16 مارچ تائين ۽ ٽين ٽيسٽ 21 کان 25 مارچ تائين لاهور ۾ کيڏي ويندي ته اهو مون لاءِ جذباتي لمحو هوندو. پر راند شروع ٿيڻ بعد موڊ مختلف هوندو. هن چيو ته مان راولپنڊي ۾ پيدا ٿيس، ڪراچي ۾ به مائٽ رهن ٿا پر سيڪيور ببل ۾ هجڻ ڪري ڪنهن سان ملي نه سگهندس. هن چيو ته مان 4 ڀيرا پاڪستان اچي چڪو آهيان آخري ڀيرو 2010 ۾ آيو هئس.هن چيو ته اڄ به منهنجا والدين پاڪستان کي سپورٽ ڪندا آهن ۽ مان آسٽريليا کي سپورٽ ڪندو آهيان.
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون، صدر سان وزيراعظم جي اهم ملاقات
ملڪ ڪاروبار دوست ناهي رهيو ، بزنس فورم جو ناڻي واري وزير کي خط
سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون،نوٽيفڪيشن
قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس جي موقعي تي موڪل جو اعلان
ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي:رياض چانڊيو
ڊجيٽل رائٽس بل آڻينداسين، نوجوان تجويزون ڏين: بلاول ڀٽو
فوجي عدالت جي فيصلي جي مذمت، چئلينج ڪرڻ جو اعلان
حڪومت جو شاگردن کي هڪ لک اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جو اعلان
يورپي يونين فوجي عدالتن جي فيصلن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي
حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق
190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 6 جنوري تي ٻڌايو ويندو
پوليو جا ڦڙا نه پياريندڙن کي ڪو به سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو
ميهڙ ۾ ٻن ڌرين جو پراڻي زميني تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو رهڻ جو امڪان
ناراض گهر واري مڙس جي مينهن ۽ ڳئون کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو
هڪ ڏينهن ۾ ڳالهين جا نتيجا نه ٿا اچي سگهن: شوڪت يوسفزئي
علي امين گنڊاپور کي هٽائڻ جي ڳالهه غلط آهي: عمر ايوب
آءِ فون چوري ٿيڻ بعد ڊيٽا محفوظ ڪيئن رکجي؟ طريقو ڄاڻيو
ملڪ جي فيصلن ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ڪامياب ٿينديون: علوي
ڪاروباري هفتي جي مثبت شروعات، 2495 پوائنٽس جي واڌ