خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌ جي پوئتي پيل علائقن ۾ جتي تعليم ۽ شعور جي کوٽ آھي اڃان تائين اتي سماجي تبديلي جي اوسر نه ٿي سگھي آھي اتي قائم ادارا به ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگھيا آھن اتي اڪثر ڏٺو ويو آھي ته خودڪشي جا واقعا تمام گھڻي تعداد ۾ رونما ٿين ٿا جن ۾ گھڻو انگ عورتن جو ھوندو آھي جيڪي معاشري ۽ مائٽن جي روين کان دلبرداشت ٿي ڪري آخري حل خودڪشي جو اختيار ڪن ٿيون جنھن سان پورو خاندان پاڙو ڳوٺ متاثر ٿئي ٿو ۔ان کان علاوه نوجوان ڇوڪرن ۾ به خودڪشي جو رجحان نظر آيو آھي ان ۾ اھو به ڏٺو ويو آھي ته خودڪشي ڪندڙن جو تعلق خوشحال اعلى تعليم يافته سياسي سماجي گھراڻي سان رھيو آھي اسان جي معاشري ۾ اھڙا تمام گھڻا نالا سامھون اچن ٿا جيڪي سياسي سماجي اڳواڻ رھيا آھن تازو عوامي تحريڪ جي اڳواڻ علي احمد جوکيو جو به واقعو اسان جي سامھون آھي ان کان علاوه ٿر جي علائقي ۾ به اھڙا تمام گھڻا واقعا رونما ٿيا آھن ۔
انساني رويا ايڏا ته خطرناڪ ٿين ٿا جو انسان کي ٻي ڪا واه نظر ڪونه ٿي اچي ۽ ھو مجبورا خودڪشي جو رستو اختيار ڪري ٿو ۔ان عمل تي اڃان تائين ڪنھن سنجيدگي سان نه سوچيو آھي ته اھڙن واقعن کي ڪئين ۽ ڪھڙي طريقي سان روڪجي ۔اھو عمل ته روز جو معمول بڻجي چڪو آھي انھن خودڪشي جي واقعن جي پس منظر کي جانچي ڏسبو ته انھن ۾ ڪو وڏو اھم اشو ڪونه ھوندو آھي صرف معمولي ڳالھ تان ناراضگي جي ڪري وڃي ڪري خودڪشي ڪري پنھنجو انت آندو ۔
ھڪ تازي سروي مطابق ملير جي بچل خاصخيلي ڳوٺ جيڪو ورھاڱي کان اڳ جو قديم ڳوٺ آھي تعليم اڃان تائين گھٽ آھي۔اتي ھڪ لوئر سيڪنڊري اسڪول آھي شعور جي به کوٽ آھي ان ڳوٺ ۾ صرف ھڪ خاندان ۾ خاص طور تي عورتن ۾ گذريل پندرنھن سالن کان خودڪشي جا واقعا رونما ٿين پيا ايستائين ڏھن کان مٿي عورتون خودڪشي ڪري چڪيون آھن ۔ان جا ڪارڻ معلوم ڪيا ويا ته خبر پئي ته گھريلو اڻبت ۽ معمولي ڳالھ تان ناراض ٿي ڪري نوجوان ڇوڪري خودڪشي ڪري ڇڏي ۔جن ۾ شادي شده عورتون به شامل آھن ۔
اسان جو معاشرو ھن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي دور ۾ به ايڏو پوئتي ڇو آھي اڄوڪو نوجوان جلدي دلبرداشت ٿي ڪري اھو عمل ڪرڻ تي مجبور ٿيو وڃي ۔
ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ سياسي سماجي شعور به گھڻو آھي علمي ادبي رجحان به آھي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا تي به متحرڪ آھن ان ھوندي به اھو عمل جاري آھي سنڌ ۾ ڪو اھڙو ادارو يا تنظيم وجود ۾ نٿي اچي جيڪا ان جو تدارڪ ڪري ۽ معاشري ۾ وڌندڙ خودڪشي جي عمل کي روڪڻ لاء ڪي جوڳا اپاء وٺي جئين ھن وڌندڙ عمل کي ٻنجو اچي سگھي ۔معاشري ۾ وڌندڙ خودڪشي جي واقعن کي ڏسي ڪري لڳي ٿو ته اسان کي ٻيھر پوئتي وڃڻو پوندو ۔انھن پراڻين ريتن رسمن کي ٻيھر ھن جديد ماحول ۾ لاڳو ڪرڻيون پونديون جن ۾ خاص طور تي پاڙي ۽ خاندان جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاء ڪنھن ھڪ وڏي ميانجي جي چونڊ ڪرڻي پوندي ته جئين وڌندڙ اختلاف ۽ گھريلو مسئلن کي نبيري سگھي ۔جئين گذريل دور ۾ ٿيندو ھو ۔
سنڌيار سکر 15 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 15 نومبر 2024ع
خودڪشي جي وڌندڙ انگ کي ڪئين روڪجي
وفاقي سرڪار نه عزت ڏئي ٿي نه معاهدن تي عمل ٿي ڪري: بلاول ڀٽو
چينين جي سڪيورٽي لاءِ چين مان ٽيمون اچڻ جون ڳالهيون غلط آهن
هرنائي آپريشن ۾ 2 جوان شهيد، 3 دهشتگرد مارجي ويا
پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست
پي ٽي آءِ ٻيهر ملڪ کي يرغمال بڻائڻ چاهي ٿي، ميمڻ
پنجاب ۾ ڪوهيڙي جي صورتحال برقرار، لاهور سڀني کان اڳتي
شاهه سان گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل جي ملاقات
ايل پي جي جي قيمت 350 رپيا في ڪلو کان وڌي وئي
ڊي جي خان: زرتاج گل جي ضمانت منظور
بجلي، پيٽرول ۽ گيس جي اصل قيمت وصول ڪئي وڃي
پي ٽي آءِ باني جي سڏ تي سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندا: گوهر
پي ٽي آءِ باني پاڻ کان ٻاهر نڪري پاڪستان جو سوچي:وهاب
ريتي بجري جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر جو احتجاج مس ڪال ثابت ٿيندو
غزه ۾ حملا ،24 ڪلاڪن دوران 47 فلسطيني شهيد، 182 زخمي
قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج
توشه خانه 2 ڪيس، خان ۽ بشرا جي بريت واري درخواست رد