ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هيءَ خوشي جي ڳالهه آهي ته پاڻي بابت سنڌ جي وڏي وزير جي پيش ڪيل قرارداد کي جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ، ۽ ايم ڪيو ايم پڻ حمايت ڏني آهي. هن چيو ته حقيقي مسئلن تي پورو صوبي هڪ آواز بڻجي پنهنجو پيغام پهچائي رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ زور ڏيندي چيو ته هن وطن سان اسان کي جان کان وڌيڪ محبت آهي ۽ هيءَ ساڳي سنڌ اسيمبلي آهي جنهن پاڪستان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٺاهڻ جو ڪريڊٽ سنڌ صوبي کي وڃي ٿو، ڇو ته سڀ کان پهريان هتي پاڪستان جي قرارداد پيش ڪئي وئي هئي. سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي، سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪنهن به وڏي منصوبي کان اڳ فيزيبلٽي رپورٽ تيار ڪئي ويندي آهي ۽ ڪنهن به هڪ علائقي جي فائدي کي سڀني جي فائدي سان مشروط نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته جيئن جسم جي ڪنهن هڪ حصي کي تڪليف هجي ته سڄو جسم متاثر ٿئي ٿو، تيئن ئي پاڪستان به هڪ جسم وانگر آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن هڪ حصي کي تڪليف ٿيندي ته سڄو ملڪ ان جو اثر محسوس ڪندو. هن چيو ته پاڪستان هڪ وفاق آهي ۽ ان وفاق جي سڀ کان وڏي محافظ پاڪستان پيپلز پارٽي رهي آهي، جيڪا هميشه قومي اتحاد کي ترجيح ڏيندي رهي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مشڪل حالتن ۾ به صدر آصف علي زرداري “پاڪستان کپي” جو نعرو هنيو ۽ پيپلز پارٽي هميشه پاڪستان جي سالميت کي اوليت ڏني آهي. هن زور ڏيندي چيو ته پاڻي جو مسئلو رڳو پاڻي جي فراهمي تائين محدود ناهي، بلڪه اهو انساني زندگي لاءِ آڪسيجن جيان ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن جو آڪسيجن بند ڪيو ويندو ته اهو احتجاج ڪندو، ۽ ساڳيو حال سنڌ جو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ٿر ۾ سوڪهڙو ٿيندو هو ته ماڻهو ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندا هئا، پر جيڪڏهن سڄي سنڌ ۾ پاڻي اڻ لڀ ٿي ويو ته ماڻهو ڪٿي ويندا؟ هن چيو ته پوري پاڪستان جو آخري ڇيڙو ڪراچي آهي، ۽ جيڪڏهن درياهن ۾ پاڻي نه هوندو ته ڪراچي ۾ پاڻي ڪٿان ايندو؟ هي رڳو پاڻي جو مسئلو ناهي، پر بقا جو سوال آهي. هن عالمي بينڪ جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته 2025 ۾ پاڻي جو شديد بحران هوندو، جنهن سبب خوراڪ ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي ٿي سگھي ٿي. 2021 جي عالمي بينڪ جي رپورٽ ۾ پڻ واضح ڪيو ويو هو ته 2025 ۾ صوبن جي وچ ۾ پاڻي جا تڪرار پيدا ٿيندا. شرجيل انعام ميمڻ سوال اٿاريو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ رپورٽ اڳواٽ ئي اڳڪٿي ڪري ته 2025 ۾ صوبن جي وچ ۾ تڪرار ٿيندا؟ هن چيو ته وڏي وزير جا خط، ارسا جون گڏجاڻيون ۽ ٻيا شاهد ان ڳالهه جي گواهي ڏين ٿا ته سنڌ حڪومت هميشه جاڳندي رهي آهي ۽ سنڌ جي مسئلن تي ڪڏهن به غفلت نه ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري هميشه لاءِ ڪالا باغ ڊيم جي منصوبي کي دفن ڪري ڇڏيو ۽ صوبن کي خودمختياري ڏيڻ جي حق ۾ قدم کنيا. هن چيو ته سانگهڙ ۾ مشرف جي دور حڪومت ۾ ڪالا باغ ڊيم جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي هئي، ۽ اڄ اهي ئي ماڻهو روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن. انهن ماڻهن اقتدار لاءِ سنڌ جي پاڻي تي سوديبازي ڪئي، ۽ انهن مان هڪ شخص کي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو، جنهن ماضي ۾ ڪالا باغ ڊيم جي حق ۾ مهم هلائي هئي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن جلال محمود شاهه ڊپٽي اسپيڪر هو ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ڪالا باغ ڊيم خلاف قرارداد پيش ڪئي پئي وئي ته هو اسيمبلي جون بتيون بند ڪري هليو ويو هو. شرجيل انعام ميمڻ واضح ڪيو ته پاڪستان جي مضبوطي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ڪم ڪندي آئي آهي ۽ مرڻ گهڙي تائين ڪندي رهندي. هن چيو ته اسان جو جيئڻ مرڻ پاڪستان سان آهي، ۽ اسان هميشه ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪوششون ڪندا رهنداسين.
