نئين دلي(م ڊ) تيز طوفان ڀارت کانپوءِ ڇنڇر جي صبح بنگلاديش ۾ داخل هوائن جي رفتار 200 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مان گهٽجي 75 ڪلوميٽر ٿي وئي پر پوءِ به 9 ڄڻا مارجي ويا. طوفان وڻ ۽ گهرن جون ڇتيون پٽي هوا ۾ اڏائي ويو، واهن جا پشتا ۽ بند ڀڄي پيا 36 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. ناريل جا وڻ هوا ۾ پکين جيان اڏامڻ لڳا. اي ايف پي موجب 2000 گهرن کي نقصان پهتو آهي. تيز هوائن سان گڏ سخت بارش پڻ جاري آهي. هڪ بلڊنگ ۾ ماڻهو ڦاسي پيا جن کي ريسڪيو ڪيو ويو. 16 لک ماڻهن کي اڳواٽ ئي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو هو. هوڏانهن جمع تي ڀارتي رياست اڙيسا جي سامونڊي پٽي سان خوفناڪ طوفان”فاني“ ٽڪرائجي ويو، وڻ، بجلي جا پول ۽ سائن بورڊ وغيره پٽجي ويا، ايئرپورٽ بند، حفاظتي انتظام سخت 200 کان وڌيڪ زخمي. حڪومت اڳواٽ ڏهه لک ماڻهن کي علائقو خالي ڪرائي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو هو. 200 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ هوائن دوران واچوڙا پڻ اچي رهيا آهن ۽ تيز بارش جو سلسلو به جاري آهي. عام طور تي ڀارت ۾ ڊسمبر کان اپريل جي وچ ڌاري طوفان ايندا آهن پر هن ڀيري مئي ۾ خطرناڪ طوفان آيو آهي. 1999 ۾ اڙيسا ۾ آيل فاني جهڙي طوفان ۾ ڏهه هزار ماڻهو مري ويا هئا پر هن دفعي موسميات کاتي جي اڳڪٿي ۽ ريسڪيو ادارن جي تياري سبب نقصان گهٽ ٿيو آهي بلڪ جاني نقصان نه ٿيو آهي. طوفان مغربي بنگال ۾ به پهچي ويو آهي جتي ڪلڪته هوائي اڏو بند ڪيو ويو آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سول نافرماني جي تحريڪ
سنڌيار سکر 17 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 17 ڊسمبر 2024ع
ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اهم پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو فيصلو
ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محطاط رهڻ گهرجي؟
اعجاز ميمڻ ’سي پي جي ايم پي‘ جو چيئرپرسن مقرر
آمريڪا ۽ ڪئنادا جي سنڌين جي تنظيم ’سانا‘ جا نوان عهديدار
گنڊاپور کي عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي ، انتظار کان پوءِ روانو
ڪو وي پي اين بلاڪ ناهي ڪيو ۽ نه ڪنداسين: پي ٽي اي چيئرمين
پراڻي دشمني تان فائرنگ، 14 ورهين جو نينگر مارجي ويو
حڪومت ڳالهين ۾ سنجيده آهي ته اسان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون
پيپلزپارٽي جمهوريت جو راڳ الاپيندي ٿڪبي نه آهي: حيدري
پنجاب کي سڄي دنيا لاءِ واپار ۽ سرمائيڪاري جو مرڪز بنائينداسين
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان
نواب ولي محمد ۾ پوليس ڪارروائي، جوابدارگرفتار، چرس هٿ
ميهڙ ۾ پلال کي لڳل باهه مان هڪ شخص جو لاش هٿ
پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ممڪن ناهي، عدليه ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي وئي آهي
اي پي ايس سانحو ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي: بلاول
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو: شيخ رشيد
اي پي ايس سانحي کي 10 سال گذري ويا، ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي