خيبرپختونخواهه جي معاشي صورتحال ٽنهي صوبن کان بهتر آهي

پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته وفاق کان رڪاوٽن جي باوجود اسان جي حڪومت جي معاشي صورتحال ٽنهي صوبن کان ڪافي بهتر آهي.پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته اسان پنهنجي پوري آبادي کي صحت ڪارڊ پلس ڏنو، پنجاب جي ڪارڪردگي اسان جي هڪ سيڪڙو ڪارڪردگي جي برابر نه آهي، ڪارڪردگي تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان مناظري لاءِ تيار آهيان.هن چيو ته اسان مشڪل حالتن جي باوجود آمدني ۾ 55 سيڪڙو اضافو ڪيو، خيبرپختونخواهه واحد صوبو آهي جنهن آءِ ايم ايف جو ٽارگيٽ حاصل ڪيو آهي، ٻئي ڪنهن به صوبي اهو ناهي ڪيو. خيبرپختونخواهه حڪومت وٽ خزاني ۾ 176 ارب روپين جو سرپلس پيل آهي، پنجاب جي جيترن به شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏنا پيا وڃن، اسان به اوترن شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏينداسين.هن چيو ته اسان چار هزار مستحق ٻارڙين جون شاديون ڪرائي رهيا آهيون ۽ هر ٻارڙي کي 2 لک روپيه ڏئي رهيا آهن، پنجاب به پنهنجي آمدني 12 سيڪڙو کان 55 سيڪڙو تائين وڌائي.علي امين گنڊاپور چيو ته اسان پنهنجي پوري آبادي کي صحت ڪارڊ پلس ڏنو، هاڻ لائف انشورنس جي سهوليت ڏئي رهيا آهيون، پنجاب جي وزيراعليٰ، خيبرپختونخواهه جي حڪومت جيان پنهنجي شهرين کي مفت صحت ڪارڊ ڏئي، پنجاب حڪومت به پنهنجي پوري آبادي کي اها سهوليت ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو