خيرپور ناٿن شاه (ن س)خيرپور ناٿن شاھ ڀرسان ٻورڙي پوليس جي حد رحمت الله ڪالوني ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڳوٺ ظفر آباد جي 23 سالا نوجوان بخت حسين سولنگي جو لاش هٿ. پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي. ٻورڙي پوليس ڪجھ به نه ڪيو. خبر موجب. خيرپور ناٿن شاھ جي رحمت الله ڪالوني لڳ جانوري پيٽرول پمپ ڀرسان ڳوٺ ظفر آباد جي ڳوٺاڻي 23 سالا نوجوان بخت حسين ولد شيرل سولنگي جو گوليون لڳل لاش ھٿ آيو آھي. اطلاع ملڻ تي ٻورڙي پوليس لاش کڻائي تعلقه اسپتال آندو ويو جتي ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. قتل جو ڪارڻ سڱاوتي تڪرار ٻڌايو پيو وڃي. ٻورڙي ٿاڻي تي شڪ جي بنياد تي نامعلوم ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي آخري اطلاعن موجب پوليس انتظاميه طرفان ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آھي.
