خيرپور ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، 5 زخمي

گمبٽ (ن س )خيرپور جي تعلقي گمبٽ ۾ 2 گروپن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا.پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو ڊگهي دشمني سبب پيش آيو، فائرنگ ۾ هڪ رڪشا ڊرائيور پڻ مارجي ويو.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊگهڙي دشمني سبب فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن، جن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جا لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو