خيرپور ۾ ڏوهه وڌي ويا، پوليس ناڪام، عوام يرغمال

خيرپور (ڊ ر)سنڌ جي ٻن اڳوڻن وڏن وزيرن سيد قائم علي شاهه، سيد غوث علي شاهه ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳارو جو ضلعو خيرپور بدامني جي باهه ۾ سڙڻ لڳو، ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي جي مقرري کان پوءِ قتل ، اغوا، ڦرون ،ڌاڙا، عورتن سان لڄالٽ، معصوم ٻارڙن سان جنسي ذيادتي، منشيات فروشي ، فحاشي ۽ چورين سميت ٻيا ڪيترائي ڏوهه ڏينهون ڏينهن تيزي سان وڌڻ لڳا اهڙن ڏوهاري سرگرمين ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح سماج لاءِ ناسور ۽ لالچ، لوڀ جي نشي ۾ ڌت پوليس، ڏوهاري، وڏيرا، سياستدان ۽ صحافي ملوث هئڻ ڪري ضلعي جي رياستي رٽ قائم رکندڙ پوليس کاتي جو سربراهه بيوس ۽ لاچار بڻيل نظر اچي رهيو آهي جڏهن ته اڳوڻن ايس ايس پيز ناصر آفتاب پٺاڻ، مسعود احمد بنگش،ساجد کوکر، سيد پير محمد شاهه  ۽ شبير احمد سيٺار وڏي بهادري ، ايمانداري ۽ فرض شناسي وارين ڪوششن سان ڏوهارين کي چٿي ، ڪرائيم کي ٻنجو ڏياريو ۽ خوف وچان ڪيترائي ڏوهاري ضلعو ڇڏي ويا هئا. موجوده ايس ايس پي خيرپور جي سستي سبب اڄ ضلعو خيرپور بدامني ، لاقانونيت جي عروج تي پهتل آهي. ضلعي جي 34  ٿاڻن تي مقرر ايس ايڇ اوز ۽ چوڪين جا انجارچ امن ڪرائڻ ۾ناڪام ويا آهن . ملندڙ ڄاڻ موجب ضلعي جي اڪثريتي ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ۽ چونڪي انچارج پنهنجي ٿاڻن ۽ چوڪين تي ويهڻ بجاءِ پرائيويٽ ايئرڪنڊيشن هائوسز ۾ آرام جا مزا ماڻي رهيا آهن. راڻيپور ٿاڻي جي حد ۾ گلشير ڄامڙو قتل، راڻيپور ٿاڻي جي لاڪپ ۾ ميان بخش شاهاڻي جوقتل ، ٻٻرلو ۾ پورهيت ابراهيم جو قتل، بوزداروڏا ٿاڻي جي حد ۾ 22 سالا اعجاز سيال جو قتل، پيرڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان نويد پٽ بخشڻ ڀنگ نه ڏيڻ سبب قتل، سڳيون ويجهو سڱاوتي تڪرار تان ڳوٺ در محمد ڀاڳت جو رهواسي علي مراد ڀاڳت ۽ اظهر ڀاڳت گوليون لڳڻ سبب قتل،  پيرڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ نينگر احد سولنگي جنسي ڏاڍائي بعد قتل ، راڻيپور ۾ سنڌ سمال انڊسٽري جو آفيسر محمد سليمان منگي پر اسرار نموني قتل، خيرپور ايس ايس پي هائوس ڀرسان کجور منڊي جو واپاري ۽ چيمبر آف ڪامرس جو صدر راجيش ڪمار قتل ۽ ٺري ميرواهه ٿاڻي جي حد ۾ علي بخش لنڊ قتل سميت ضلعي اندر ڪيترائي ماڻهون قتل ٿي چڪا آهن ضلعي اندر اغوا ٿيندڙن ۾ احمد پور ٿاڻي جي حد وڏا مهيسر مان مبينه طور ساجد سومرو اغوا ڌاڙيلن پاران 20 لک ڀنگ طلب، خيرپور بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان عزيز الله ناريجو، پير ڳوٺ مان جهان خان لغاري ۽ ناري رابعه، گمبٽ مان حافظ شاهه محلا واسي غلام عرف لابو ٿيٻو،  ٺري ميرواهه مان ارباب،  خيرپور نادرا جو ملازم فياض سولنگي ميبنه طور اغوا ٿي چڪا آهن. اهڙي طرح ضلعي خيرپور اندر جنسي ڏاڍائين ۾ ٺري ميرواهه جي رهواسڻ ناري شمائلا دستي سان پوليس اهلڪارن الطاف شر ، نثار شر اغوا بعد پوليس ڪواٽر تي اجتمائي لڄا لٽ جو نشانو بڻايو ، ٺري ميرواهه ٿاڻي جي حد ۾ رٽائرڊ استاد سارنگ شر پاران معصوم شاگردن سان جنسي زيادتي بعد ويڊيو ٺاهڻ وارا واقعا به رپورٽ ٿيا. هڱورجا شهر مان شاهد سهتو جي موٽر سائيڪل چوري ،هڱورجا ۾ وحيد سومرو جي دوڪان مان چوري ، هڱورجا اڪبر ڪلهوڙو کان موٽر سائيڪل سميت ٻيو سامان ڦر، هڱورجا ۾ بخشڻ سهتو جي موٽر سائيڪل چوري ، هڱورجا ۾ گدام مان 106 ڪٽا صرف ۽ ٻيو سامان چوري، سوڀوديرو مان فيض محمد جي گهر مان لکين روپين جي چوري.، حاجي بيگ محمد سولنگي ۽ امجد سولنگي جي گهر مان لکين روپين جي چوري ، هڱورجا مان زاهد سهتو جي موٽر سائيڪل چوري ، رسول آباد اسٽاپ وٽ لياقت علي تنيو جي اوطاق مان لکين روپين جو سامان چوري، سيٺارجا مان غلا رضا رند ۽ رفاقت جي موٽر سائيڪل چوري، شفيق احمد خلجي کان 3لک 50 هزار روپيه ڦر، سيٺارجا مان اصغر لنڊ جي موٽر سائيڪل ڦر،  ، فقير سڪندر ڪٻر جي دوڪان مان چوري ، ناصر ڪٻر جي دوڪان مان چوري سميت 14 آگسٽ جشن آزادي واري ڏهاڙي تي لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو سيٺارجا ايس ايڇ او سميت سمورو ٿاڻو يرغمال ۽ ضلعي اندر ننڍن وڏين وارداتن ۾ ڏينهون ڏينهن  اضافو ٿيندو رهيو آهي جڏهن ته منشيات فروشي ۾ هيروئن، شراب، چرس، ڀنگ، آفيم، مين پڙي، گٽڪا ۽ ٻئي منشيات شهرن ۽ ڳوٺن اندر پوليس جي سرپرستي هيٺ سرعام هلندڙ آهن جن جون لکين روپيه منٿليون مقرر آهن. ان کان علاوه فحاشي جا اڏا پڻ قائم ٿيل آهن ضلعي اندر هٿ ٺوڪيا پينو فقير ۽ کدڙن جي لوڌ پوليس جي نگراني ۾ شهرين کي لٽي رهيا آهن جڏهن ته ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي جنهن لاءِ ايمانداري ، فرض شناسي ۽ خدا ترسي جهڙا لقب مشهور آهن ليڪن افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته خيرپور ضلعو هن وقت قانون ٽوڙيندڙن وٽ يرغمال آهي. خيرپور ضلعي جي سياسي ، سماجي ، ادبي حلقن پاران چيف سيڪريٽري ۽  آءِ جي سنڌ کان گهر ڪئي آهي ته ضلعي خيرپور ۾ امن جو پکي واپس ڪرايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو