خچر جو نسل ۽ موقعي پرست سياست

طفيل مگسي
سو خچر گڏجي ڪري به هڪ خچر پيدا نٿا ڪري سگهن يعني اها اهڙي مخلوق هوندي آھي ته جيڪا نسل پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کان محروم هوندي آھي.خچر جي ڪيتري به سٺي کان سٺي پالنا ڪئي وڃي اهو پنهنجو نسل وڌائڻ جي قابل نٿو ٿي سگهي.هن لکڻي ۾ موقعي پرست سياسي تنظيمن ۽ موقعي پرست سياست جو.شڪار ٿيڻ وارن انسانن کي خچر ئي چيو ويو آھي جيڪي هيڏانهن هوڏانهن کائيندا پيئندا ته رهن ٿا.مگر پنهنجو نسل وڌائڻ جي طاقت نٿا رکن .اڪيلا هوندا آھن ۽ اڪيلائي فنا ٿي وڃن ٿا. ۔ انقلابي سفر ڪنهن انقلابي نظرياتي تنظيم ۽ انفرادي طور تي ڪنهن انقلابي انسان جي لاء ھڪ مشڪل.۽ تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿيندو آھي.جنهن ۾ ان انقلابي ۽ نظرياتي تنظيم ۽ انقلابي انسان کي غدارين ۽ اذيتن کي سهڻو ۽ انهن سان مقابلو ڪرڻو پوي ٿو.ان انقلابي ۽ نظرياتي سفر کانسواء ھڪ ٻيئي قسم جي رستي جو به سفر هوندو آھي.جنهن رستي تي مفاد پرست ۽ موقعي پرست تنظيم ۽ موقعي پرست انسان هلڻ چاهين ٿا ۽ ان قدر ته اهي هر غليظ ۽ نيچ ڪم.ڪرڻ جي لاء تيار ٿي وڃن ٿا .جنهن کان ان جي سياسي ڪردار کي تاريخ ۾َ موقعي پرست تنظيمن ۽ موقعي پرست انسانن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويندو آھي.هاڻي انهن ڳالهين منجهان اهو چٽو ٿيئي ٿو ته انهيء سفر ۾ ٻه رستا هوندا آھن .هڪ انقلابي ۽ نظرياتي جدوجهد ۽ ٻيو موقعي پرست جدوجهد وارو؛ جهڙي ريت اسان جا ماضي جا ڪميونسٽ ٿي گذري چڪا آھن يا اهي قومپرست جيڪي وڏيون وڏيون ڀڀڪيون ڏيئدا هئا. موقعي پرست جدوجهد ۽ انقلابي ۽ نظرياتي جدوجهد جي وچ ۾ زمين و آسمان جو فرق هوندو آھي ۽ اهي ٻئي لاڙا ئي مجروضي حالتن ۾َ فيصلي وارو ڪردار ادا ڪن ٿا.جنهن ۾ نظرياتي طور تي مضبوط تنظيم جا انقلابي انسان ۽ موقعي پرست تنظيم جي  موقعي پرست انسان ۽ موقعي پرست تنظيم.جي وچ ۾ فرق چٽو ٿي وڃي ٿو. انهيء حوالي کان نظرياتي ۽ انقلابي سياسي جدوجهد جي تاريخ به گهڻو ڪجه سکيو آھي ۽ ٻڌايو آھي ته ڪهڙي ريت انقلابي ۽ نظرياتي تنظيمن ۽ انقلابي شخصيتن پنهنجي مضبوط ارادن سان پنهنجي مستقل مزاجي ۽ درست حڪمت عملين سان انقلابن کي توڙ تائين پهچايو آھي. مگر انهن جدوجهدن ۾ اهڙيون شخصيتون ۽ تنظيمون به گذريون آھن.جن هن ٺوس انقلابي طريقيڪار کان منهن موڙي پنهنجو انفرادر فيصلو ڪري پاڻ کي ئي ذاتي مفاد پرستي ۽ عياشين ۽ غليظ لذتن جي خاطر موقعي پرستي جو شڪار ڪري ڇڏيو. انقلابي شخصيتن ۽ موقعي پرست شخصيتن جو انقلابي ۽ نظرياتي تنظيم.سان به وڏي حد تائين هڪ ڳوڙھو تعلق هوندو آھي.  عام حالتن ۾َ ھر اهو انسان جيڪو انقلابي جدوجهد جو حصو بنجڻ چاهي ٿو ان کي رضاڪار طور تي انقلابي ۽ نظرياتي تنظيم ۾ بحيثيت ميمبر جي شامل ڪري رضاڪاراڻي طور تي ڪا تنظيمي ذميواري حوالي ڪئي ويندي آھي.پوء انقلابي ۽ نظرياتي تنظيم.صرف انقلابي نظرين جي بنياد تي ان انسان جي نظرياتي ۽ سياسي تربيت ڪن ٿا جنهن ۾ ان کي سماج جو هڪ بهتر انسان ٿيڻ کان وٺي ڪري هڪ انقلابي ڪيڊر بنائڻ تائين ان جي شخصيت کي سنوارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي آھي.يعني انقلابي نظرياتي تنظيم.جي وڏي خوبصورتي اها هوندي آھي هو انقلاب جي لاء جدوجهد ڪرڻ جو ارادو ڪرڻ واري هر انسان کي پنهنجي جهولي ۾ وٺي ڪري نظرياتي.سياسي ۽ ثقافتي معيار ۾ پوئڻ جي ڪوشش ڪندي آھي. مگر ان سان گڏوگڏ انقلابي ۽ نظرياتي تنظيم پنهنجن نظرين ۾ سخت به هوندي آھي.هو نظرين تي ٺاھ ڪرڻ جي لاء ڪڏھن تيار ناهي ٿيندي ۽ سڀ کان وڌي ڪري هو ڪنهن هڪ ئي انسان جي اشاري تي ڪم ناهي ڪندي .جهڙي ريت اڪثر ڪري مهم.جو ۽ فرقه پرست تنظيمن ۾ ھوندو آھي؛حالانڪ تنظيم ۾ ڪم ڪرڻ وارو انسان پنهنجي انفرادي سوچ.۽ انفرادي عمل سان تنظيم.جي حڪمت عملين تي منفي ۽ مثبت طريقي سان اثر انداز ٿيندو آھي. مگر انقلابي ۽ نظرياتي تنظيم گڏيل طور تي ڪيترن ئي ميمبرن جي جدوجهد ۽ قربانين سان ئي اڳتي وڌندي آھي. مگر اها به هڪ حقيقت آھي ته ڪنهن انسان جو پنهنجو انفرادي فيصلو.ان کي انقلابين يا موقعي پرست غدارن جي لسٽ ۾ به شامل ڪرائي ڇڏي ٿو.!نقلابي ۽ نظرياتي جدوجهد جو سفر ڪنهن هڪ انسان جي جدوجهد ڪرڻ سان منزل تائين نٿو پهچي.مگر تاريخ ۾َ فرد جي ڪردار کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي .جتي انسان پنهنجن انفرادي فيصلن کان ئي معروضي حالتن تي اثر انداز به ٿيئي ٿو. مگر انقلابي ۽ نظرياتي تنظيم ۾ ڪو انسان اهو سمجهي ٿو ته تنظيم هن کانسواء نٿي هلي سگهي يا مشڪلات جو شڪار ٿي ويندي ته اهو انسان اصل ۾ شخصيت پرستي واري ڪن ۾ ڦاسي پيو هوندو آھي. اڄ جيڪڏھن معروضي حالتن کي نظر جي سامهون رکندي تجزيو ڪيو وڃي ته اسان کي سڄي دنيا ۾ جتي ننڍيون وڏيون تحريڪون ڏيک ڏين ٿيون.اتي اڪثر ڪري ٽيئڙ تپ جو اثر وڌيڪ ڏيک ڏيئي ٿو .ان ماٺار جي پهاڙ جي نتيجي ۾ سماج ثقافت.سياست۔اخلاقيات ۽ معشيت تي به نهايت منفي اثر پون ٿا.ان ماٺار جي ڪيفيت ۾ عام انسانن کي ته ڪا اميد نظر نٿي اچي ته پوء ھو پنهنجن مسئلن کان نڪرڻ جي لاء ڪجه به جائز ناجائز ڪرڻ تي تيار ٿي وڃن ٿا.مگر انهي ء ماٺار ۾ ڪي سمجه ڀريا ۽ محنتي انسان  مهم جو فرقه پرست تنظيمون به بي صبري ۾ پنهنجي غلط فيصلي سان پنهنجي انقلابي نظرين ۽ تنظيمي اصولن کي ڇڏي ڪري ڪنهن موقعي جو فائدو کڻڻ جي چڪر ۾ موقعي پرست بنجڻ ۾ دير نٿا ڪن؛تاريخ جو وڏو سچ اهو آھي ته ماٺار ئي حقيقي انقلابين ۽ انقلابي ۽ نظرياتي تنظيمن جو سخت امتحان وٺندي آھي.نه ته    موقعي پرست انسانن موقعي پرست مهم جو تنظيمن جي ماٺار امتحان ٽوڙي ڇڏيندي آھي. موقعي پرست تنظيمن ۽ موقعي پرست انسانن جو حقيقت ۾َ ڪو مستقبل ناهي هوندو. بس اهي موقعي کڻڻ جي چڪر ۾ اونداهيء ۾ تير هلائڻ جا عادي هوندا آھن.موقعي پرستي جو لاڙو انهن کي     بي حيائي ڏانهن وٺي وڃي ٿو  ۽ اهي ان بي حيائي جي شروعات پاڻ کان ئي ڪن ٿا. موقعي پرست ڪنهن به سياسي تنظيم  ۽ انقلابي    انسانن کي ان خچر جيان بڻائي ڇڏي ٿي.جيڪڏھن انهن جي پرورش جي لاء انهن کي انساني آبادي جي وچ ۾ به رکيو وڃي يا ڏور ڪنهن جڳه تي به رکيو وڃي.ليڪن اهي اتي ڪڏھن به ڪجه پيدا نٿا ڪري سگهن ۽ نه ئي ڪجه سکي سگهن ٿا. مگر انهيء صورتحال ۾ انقلابي جدوجهد هر مشڪلات کان گذري ڪري هڪ شعلو بڻجي ڪري موقعي پرست لاڙن کي ساڙي ڪري خاڪ ڪري ڇڏي ٿي ۽ تڏھن ئي اونداهيء ۾ روشني ٿيئي ٿي .جنهن کي حقيقي انقلاب ڪوٺين ٿا؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو