دانش تيمور 4 شادين بابت بيان تي معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)مشهور پاڪستاني اداڪار ۽ ميزبان دانش تيمور پنهنجي چئن شادين بابت بيان تي معافي وٺي ڇڏي.دانش تيمور کي تازو ئي رمضان جي نشريات دوران ڏنل هڪ بيان تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. خانگي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ هن شو ۾ دانش تيمور 4 شادين جي باري ۾ ڳالهايو، جنهن تي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن سخت رد عمل ظاهر ڪيو. دانش تيمور ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته مون کي خدا کان اجازت آهي ته مان 4 ڀيرا شادي ڪريان، مان اهو ‘في الحال’ نه ڪري رهيو آهيان، اهو ٻيو معاملو آهي.سندس بيان ۾ لفظ ’في الحال‘ تڪرار کي جنم ڏنو، ڪيترن ئي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن ۽ مداحن ان کي ائين کڻي ورتو ڄڻ هو مستقبل ۾ وڌيڪ شاديون ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هي معاملو فوري طور تي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو ۽ مداحن مختلف پليٽ فارمن تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.سخت تنقيد کان پوءِ، دانش تيمور پنهنجي مداحن لاءِ هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هن بيان تي معافي ورتي ۽ پنهنجي ڳالهه کي وڌيڪ واضح ڪيو. وڊيو ۾ دانش تيمور چيو ته، “مون کي خبر آهي ته توهان سڀ مون کان ناراض آهيو. ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته مون پنهنجي زال عائزه خان جي بي عزتي ڪئي آهي، پر اهو بلڪل به ناهي.هن چيو ته مان پنهنجي زال سان تمام گهڻو پيار ڪريان ٿو. مان عام طور تي ‘هاڻي’ لفظ گهڻو استعمال ڪندو آهيان ۽ ان جو مطلب آهي ته مان هن وقت ڪنهن به شيءِ بابت نه سوچي رهيو آهيان. مان هميشه حال ۾ رهندو آهيان ۽ مستقبل بابت گهڻو نه ڳالهائيندو آهيان، ڇاڪاڻ ته هڪ ڏينهن اسان سڀني کي مرڻو آهي.هو چوي ٿو ته مان اعتراف ڪريان ٿو ته مون مولانا صاحب سان ڳالهه ٻولهه دوران غلطي سان هي لفظ استعمال ڪيو، پر جيڪڏهن توهان مان ڪنهن کي منهنجي ڳالهه کان ڏک پهتو آهي ته مان دل جي گهرائين سان معافي وٺان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو