درخواستن ۾ آئيني سوال آهن، ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ آئيني ترميم خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پشاور هاءِ ڪورٽ ٽن صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته آئيني ترميمن خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي لارجر بينچ ڪندي.عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته درخواستن ۾ آئيني سوال آهن، آئيني تشريح جي ضرورت آهي. وفاقي حڪومت، اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.پشاور هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته درخواستگذار موجب وفاقي حڪومت آئين ۾ ترميم ڪري رهي آهي ۽ تجويز ڪيل آئيني ترميمن ۾ عوام بنيادي اسٽيڪ هولڊر آهن پر آئيني ترميم ۾ عوام جي راءِ کي شامل نه ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي.حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته درخواستگذار موجب 18هين ترميم جو مسودو منظرعام تي آندو ويو.جنهن بعد عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو