درياءَ سنڌ جي پاڻيءَ جي ورڇ ناقابل قبول آهي: ارسلان شيخ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ چيو آهي ته پاڪستان انهن 14 ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿي چڪو آهي جتي پاڻيءَ جي شديد کوٽ آهي، ۽ جيڪڏهن حالتون اهڙيون ئي رهيون ته ڪجهه سالن ۾ پاڪستان دنيا ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار ٽئين نمبر تي اچي سگهي ٿو. ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميئر سکر ارسلان شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ ۾ پاڻيءَ جي سنگين کوٽ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان انهن 14 ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿي چڪو آهي جتي پاڻيءَ جي شديد کوٽ آهي، ۽ جيڪڏهن حالتون اهڙيون ئي رهيون ته ڪجهه سالن ۾ پاڪستان دنيا ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار ٽئين نمبر تي اچي سگهي ٿو. ارسلان شيخ چيو ته ملڪ جي وڏن ڊيمز ۾ پاڻيءَ جي سطح خطرناڪ حد تائين گهٽجي چڪي آهي. منگلا ۽ تربيلا ڊيم ۾ پاڻي گهٽ ترين سطح تي آهي، جڏهن ته سکر بئراج ۾ پاڻيءَ جي 55 سيڪڙو گهٽتائي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. هن چيو ته سکر بئراج ۾ پاڻيءَ جي اها کوٽ 25 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي چڪي آهي ۽ پاڻي نه هئڻ جي برابر آهي. ميئر سکر چيو ته ملڪ ۾ تازو دهشتگرديءَ جي لهر تي به ڳالهائيندي چيو ته ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون وڌي رهيون آهن، پر پاڪستاني قوم ۽ رياستي ادارا متحد آهن. هن شهيدن جي وارثن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته سڄي قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ دهشتگرديءَ کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ارسلان شيخ 1991 جي پاڻيءَ جي معاهدي جو حوالو ڏيندي چيو ته سنڌ کي اڳ ۾ ئي 17 سيڪڙو گهٽ پاڻي مليو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ مختلف نهري منصوبا بغير ڪنهن مناسب منظوريءَ جي شروع ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ تي ڪينجهر ڍنڍ جي پاڻيءَ جي کوٽ جو به سخت اثر پئجي رهيو آهي، جنهن سان ڪراچيءَ کي ملندڙ پاڻي وڌيڪ گهٽجي رهيو آهي. ارسلان شيخ پنجاب ۾ چولستان ۽ گريٽر ٿل ڪينال منصوبن تي سخت اعتراض ڪندي چيو ته اهي منصوبا سي سي آءِ (ڪائونسل آف ڪامن انٽرسٽ) جي منظوريءَ کان سواءِ اڳتي نٿا وڌي سگهون. هن چيو ته اهي نهريون ٺهڻ سان سنڌ جي پاڻيءَ جو وڌيڪ نقصان ٿيندو ۽ زراعت، آبي حيات، ۽ لائيو اسٽاڪ تي تباهه ڪندڙ اثر پوندا. ارسلان شيخ چيو ته وفاقي حڪومت سي سي آءِ جو اجلاس 90 ڏينهن اندر گهرائڻ جو واعدو ڪيو هو، جيڪو اڃا تائين پورو نه ٿيو آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن تي سمجهوتو ڪيو ويو ته پيپلز پارٽي عوامي عدالت ۽ آئيني فورمز تي وڃڻ کان پاسو نه ڪندي. ارسلان شيخ واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي ترقيءَ جي خلاف ناهي، پر سنڌ جي پاڻيءَ تي ڪو به سمجهوتو نه ٿي سگهي ٿو. هن تجويز ڏني ته پنجاب حڪومت 50 ارب رپيا نهري منصوبن تي خرچ ڪرڻ بدران پاڻيءَ جي ضايع ٿيڻ کي روڪڻ جي منصوبن تي خرچ ڪري ته جيئن ملڪ ۾ پاڻيءَ جي بحران کي گهٽائي سگهجي. ارسلان شيخ آخر ۾ چيو ته پاڪستان کي پاڻيءَ جي کوٽ جي سنگين چئلينج کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ هن مسئلي کي سياست جي نظر ڪرڻ بدران سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻو پوندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو