پاڪستان سيمي فائنل تائين ڪيئن پهچي سگهي ٿو؟

سڊني(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين افتخار احمد چيو آهي ته دعا ڪندس ته پاڪستان سيمي فائنل تائين پهچندو، ڏکڻ آفريڪا خلاف ڪاميابي سان حوصلو بلند ٿيو. سڊني ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي افتخار احمد چيو ته ميچ جي صورتحال کي ڏسندي هڪ اننگز کيڏڻي پوندي، جڏهن اوپننگ بيٽسمين جلد آئوٽ ٿي ويندا آهن ته ڊگهي اننگز کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.افتخار احمد چيو ته اسٽرائڪ ريٽ تي تنقيد ٿيندي آهي پر مان صورتحال موجب کيڏندو آهيان.هن چيو ته ڪپتان ۽ انتظاميا مون کي چيو ته مومينٽم کي آخري حد تائين وٺي هلون.افتخار احمد وڌيڪ چيو ته ٽي 20 تمام تيز راند آهي، ڪڏهن ڪڏهن تيز کيڏڻو پوندو آهي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ افتخار احمد ڏکڻ آفريڪا خلاف 35 بالن تي 51 رنسون ٺاهيون هيون. جڏهن ته نائب ڪپتان شاداب خان 22 بالن تي 52 رنسون ٺاهيون هيون. پاڪستان 9 وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنسون ٺاهيون هيون پر برسات سبب ڏکڻ آفريڪا کي 142 رنسون ٺاهڻيون هيون. شاهين آفريدي 4 اوورز ۾ 14 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون ۽ 2 وڪيٽون جلدي وٺڻ سبب آفريڪا ميچ ۾ پريشان رهيو. هاڻي جيڪڏهن پاڪستان آچر تي پنهنجي ميچ بنگلاديش کان کٽي ورتي ان بعد ان صورت ۾ سيمي فائنل ۾ پهچڻ جو چانس هوندو ته نيدر لينڊ ڏکڻ آفريڪا کي هارائي يا وري زمبابوي ڀارت کي شڪست ڏئي ته پوءِ پاڪستان جو چانس بڻبو.

پهنجو تبصرو موڪليو