دفاعي نظام ناڪام، حزب الله حملي ۾ اسرائيلي فوجي قتل

غزه (ويب ڊيسڪ)لبناني تنظيم حزب الله اسرائيل جي مضبوط دفاعي نظام ’آئرن ڊوم‘ کي ڊاهيندي اسرائيلي فوجي اڏن تي حملو ڪيو آهي.عالمي ميڊيا رپورٽن موجب حزب الله جي ڊرون حملن ۾ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو ۽ 10 زخمي ٿي پيا آهن.رپورٽ موجب حزب الله جي بارود سان ڀريل 2 ڊرون اسرائيلي فوج جي ايئر ڊفينس سسٽم کي ڊاهيندي اسرائيلي شهر هارفش ۾ پراسرار آپريشن ڪيو.حزب الله ڊرون حملن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اهو حملو ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي فوج پاران تازين موتمار حملن جي جواب ۾ ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف اسرائيلي فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ هڪ آفيسر جي مارجڻ جي تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته جاچ جاري آهي ته ارم ڊوم ڊرون کي ڪيرائڻ ۾ ناڪام ڇو ٿيو.بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته حزب الله ڊرون حملي ۾ مارجي ويل سپاهي جي سڃاڻپ 39 سالن جي اسٽاف سارجنٽ رفيل ڪوڊرز طور ٿي آهي.واضح رهي ته اسرائيلي فوج ۽ حزب الله وچ ۾ جهڙپ ۾ هن وقت تائين 15 اسرائيلي فوجي ۽ 11 شهري مارجي ويا آهن، جڏهن ته لبنان ۾ انهن جهڙپن سبب 455 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن، جن مان اڪثريت ويڙهاڪن جي آهي، پر موجب. انگن اکرن موجب، 88 عام شهري پڻ شامل آهن.اسرائيلي فوج موجب 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين 645 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن جن مان 294 اسرائيلي فوجي فلسطيني علائقي ۾ حماس خلاف ويڙهه دوران مارجي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو