ڪراچي(اسپورٽس نيوز)ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 9 جي فائنل ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ دلچسپ مقابلي کانپوءِ ملتان سلطانز کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. ملتان پاران ڏنل 160 رنسن جو هدف اسلام آباد يونائيٽيڊ آخري بال تي 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو ۽ 2 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪري ٽيون ڀيرو پي ايس ايل چيمپيئن بڻجي وئي.ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ملتان سلطانز ٽاس کٽي اسلام آباد يونائيٽيڊ خلاف بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.ملتان سلطانز پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهيون.ملتان سلطانز طرفان عثمان خان 57 رنسون ٺاهيون، محمد رضوان 26 رنسون ٺاهيون.افتخار احمد 32 رنسن جي ناٽ آئوٽ جارحاڻي اننگز کيڏي، هن 20 بالن تي 3 ڇڪا ۽ 3 چوڪا هنيا.اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان عماد وسيم 23 رنسون ڏئي پنج وڪيٽون ورتيون.
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ
ڏکڻ آفريڪا ۾ 5.3 شدت جو زلزلو، پاڪستاني ٽيم جوهانسبرگ ۾ موجود
فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جا گرفتاري وارنٽ جاري