دنيا جو اهو خطو جتي مرڻ تي پابندي جو قانون لاڳو آهي

ناروي(ويب ڊيسڪ) عام طور تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ قتل سميت سنگين ڏوهن جي سزا موت مقرر ڪيل آهي پر دنيا ۾ هڪ اهڙو به علائقو آهي جتي موت تي پابندي جو قانون موجود آهي. دنيا جو انتهائي اتريون علائقو لانگ ييئربين جيڪو ناروي جو ٻيٽ آهي ان م 1950 کان وٺي مرڻ تي پابندي جو قانون لاڳو آهي. ناروي جي هن علائقي Longyearbyen ۾ برف تمام گهڻي پوندي آهي. جيتوڻيڪ هتي قبرستان به آهي پر بيمار ۽ 70 سالن جي ڄمار وارن پوڙهن کي هتي رهڻ ناهي ڏنو ويندو. هتي فوت ٿيڻ بعد لاش دفنائڻ باوجود ڳرندو ناهي. لاش ڊيڪمپوز نه ٿيڻ سبب موتمار جراثيم پيدا ٿيندا آهن. اها اسٽڊي سامهون اچڻ بعد 1950 ۾ هتي موت تي پابندي جو قانون لاڳو ڪيو ويو هو. هتي جي مقامي حڪومت هر ماڻهو جي عمر ۽ بيماري جي مڪمل معلومات رکندي آهي. هن برفاني ٻيٽ جي ڪل آبادي 2 هزار جي لڳ ڀڳ آهي. هن ٻيٽ ۾ هڪ ٻيو دلچسپ قانون اهو آهي ته هر گهر واري تي بندوق رکڻ به لازمي آهي. جنهن جو سبب هتي برفاني رڇ ماڻهن کي ماري ڇڏيندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو