دنيا جي سڀ کان وڏي ڄمار واري شخصيت جي وفات

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) دنيا جي سڀ کان وڏي ڄمار واري شخصيت، اسپين جي ماريا برنياس موريرا، جيڪا آمريڪا ۾ پيدا ٿي هئي ۽ ٻن عالمي جنگين جي اکين ڏٺي شاهد هئي، 117 سال ۽ 168 ڏينهن زنده رهڻ بعد سڪون سان سومر تي فوت ٿي وئي. هوءَ دنيا جي اٺين وڏي ڄمار ماڻيندڙ انسان هئي. سندس ايڪس اڪائونٽ تي هن جي خاندان اڱاري تي اهڙو اعلان ڪيو آهي. ”ماريا برنياس اسان کي ڇڏي وئي آهي آهي. هوءَ پنهنجي خواهش موجب بنا ڪنهن جي محتاجي، جي سڪون سان ننڍ ۾ بنا ڪنهن تڪليف جي گذاري وئي آهي. برنياس، جيڪا گذريل ٻن ڏهاڪن کان سانتا ماريا ڊيل ٽورا نرسنگ هوم، شمال مشرقي اسپين جي شهر اولوٽ ۾ رهندي هئي، هن آخري پوسٽ م چيو هوته کيس ڪافي ڪمزوري محسوس ٿي رهي آهي، منهنجي موت تي روئجو نه، مون سڄي حياتي خوشي خوشي گذاري آهي. گينيز ورلڊ رڪارڊ باضابطه طور تي برنياس جي حيثيت کي دنيا جي سڀ کان وڏي عمر واري شخص طور تسليم ڪيو هو.

Maria Branyas Morera. Photo Twitter

جڏهن جنوري 2023 ۾ فرانسيسي نون لوسائل رينڊن جي 118 سالن جي ڄمار ۾ فوت ٿي هئي. هن گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ GWR جي ٽيم کي ٻڌايو هو ته سندس ڊگهي زندگي جو راز خوشي ۽ سڪون سان رهڻ، خاندان ۽ دوستن سان سٺو تعلق، نيچر سان پيار ۽ رابطو، جذبات تي ڪنٽرول، ڪابه پريشاني ۽ ڪو افسوس يا پڇتاءُ نه ڪرڻ، تمام گهڻو مثبت رهڻ، ۽ ٽاڪسڪ ماڻهن کان پري رهڻ ٿي سگهي ٿو. برنياس جي موت جي نتيجي ۾، آمريڪي ايس جيرنٽولوجي ريسرچ گروپ مطابق.دنيا ۾ هاڻي سڀ کان وڏي عمر وارو شخص جاپاني عورت ٽوميڪو اتوڪا آهي، جيڪا 23 مئي 1908 تي ڄائي هئي ۽ 116 سالن جي عمر آهي. برنياس، جيڪا 1918 جي فلو، پهرين عالمي جنگ ۽ ٻئي عالمي جنگ ۽ اسپين جي گهرو ويڙهه به اکين سان ڏٺي، تنهن 2020 جي ڪووڊ ۾ ڪجهه وقت احتياط بعد صحتمند ٿي وئي هئي. هن جي ننڍي ڌيءَ، روزا مورٽ، هڪ دفعو پنهنجي ماءُ جي ڊگهي عمر کي ”جينيات“ ڏانهن منسوب ڪيو. ”هوءَ ڪڏهن اسپتال نه وئي آهي ، هن جي ڪو هڏو به نه ٽٽو، هوءَ ٺيڪ آهي ، هن کي ڪو درد به ناهي “. هن جو خاندان جڏهن ميڪسيڪو مان آمريڪي شهر سين فرانسسڪو منتقل ٿيو هو ته 4 مارچ 1907 ۾ هوءَ پيدا ٿي هئي.پهرين عالمي جنگ دوران سامونڊي جهاز ذريعي سندس خاندان اسپين آيو هو. اسپين ۾ بدترين ٽن سالن جي خانه جنگي شروع ٿيڻ کان پنج سال پهرئين 1931 ۾ هڪ ڊاڪٽر سان شادي ڪئي هئي. 40 سالن جي رفاقت بعد سندس مڙس 72 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو جنهن مان کيس 3 ٻار ٿيا، هڪ فوت ٿي ويو هو ، کيس 11 پوٽا پوٽيون ۽ ڏوهٽا _وهٽيون آهن جڏهن ته پڙ پوٽن ۽ پڙ ڏوهٽن جو انگ به وڏو آهي. بارسلونا يونيورسٽي جي جينٽيڪ جي پروفيسر سندس ڊگهي عمر جو سبب جاچڻ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي ۽ چيو ته هن جو حافظو ڪمال جو آهي 4 سالن جي ڄمار کانپوءِ واري سڄي حياتي جا قصا هن کيس ياد آهن، سندس دماغ روشن آهي، دل جي بيماري جيڪا وڏي عمر وارن ۾ عام آهي، اها هن کي لاحق ناهي. ان کان سڀ کان وڏي ڄمار واري شخصت فرانس جي، جين لوئز ڪالميٽ هئي جنهن 122سال 164 ڏينهن گذارڻ بعد 1997 ۾ وفات ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو