ڪراچي(ويب ڊيسڪ) انٽر نيشنل مانيٽري فنڊ يعني آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته هلندڙ سال جي آخر تائين دنيا ۾ پبلڪ ڊيٽ يعني مختلف رياستن پاران ورتل قرض 100 ٽرلين ارب دالر کان وڌي ويندو ۽ اهو پهريون ڀيرو ايڏي وڏي مقدار ۾ دنيا جو قرض هوندو. فنڊ جي تازي جاري ڪيل فزيڪل مانيٽر رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2019 جي ڪووڊ وقت ورتل قرض جي رقم کان به عالمي قرض جي رقم وڌيڪ ٿي ويندي. رپورٽ موجب دنيا جي ڪل مجموعي پيداوار جي 93 سيڪڙو برابر اها رقم ٿي ويندي. جيڪا 2030 تائين دنيا جي ڪل جي دي پي جي 100 سيڪڙو برابر ٿي ويندي. دنيا ۾خرچ وڌي رهيا آهن ۽ معاشي واڌ گهٽ ٿي رهي آهي. هي رپورٽ فنڊ ۽ عالمي بئنڪ جي آمريڪا ۾ رٿيل سالياني بورڊ اجلاسن کان رڳو هڪ هفتو اڳ ۽ آمريڪا جي چونڊ کان 3 هفتا اڳ جاري ڪئي وئي آهي. دنيا جي وڏي ۾ وڏي معيشت يعني آمريڪا جي صدارتي چونڊ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪاملا هيرس ٽيڪس ڇوٽ جا اعلان به ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب موسمياتي تبديلين، گرين انرجي، سيڪورٽي ۽ ترقياتي منصوبن سبب دنيا ۾ خرچ وڌي رهيا آهن. دنيا ۾ زندگي گذارن جا خرچ به مهانگائي سبب وڌيا آهن ۽ اڪٿر ملڪ ٽيڪس وڌائڻ کان لهرائين ٿا. آمريڪي ڪانگريس جي بجيٽ ڪميٽي 2024 ۾ 1.8 ٽرلين ڊالر جي خساري جو خدشو ظاهر ڪيو آهي جيڪو آمريڪي جي دي پي، جي 6.5 سيڪڙو برابر هوندو.
ڪرم ۾ مسافر گاڏين تي فائرنگ 15 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي
آئيني بينچ جو پاڻمرادو نوٽيس، گم ٿيل ٻارن جي ڪيس ۾ رپورٽ طلب
افغانستان ۾ دهشتگردن کي ملندڙ حمايت تي ڳڻتي آهي: ممتاز زهريٰ
پهرين ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي گرائونڊ جي تقريب
ن ليگ قومي اسيمبلي ميمبر عادل بازئي ڊي سيٽ
پاڪ فضائيه سربراهه جو آئيڊياز جو دورو، اسٽالز جو جائزو
سنڌ ۾ هلندڙ سال ايڇ آءِ وي ايڊز جي مريضن ۾ تيزي سان اضافو
شھدادپور ۾ پورهيت جي گهر کي باهه،چوپائي مال سميت سامان سڙي رک
سي سي آءِ جو اجلاس سڏايو وڃي،وڏي وزير جو وفاق کان مطالبو
تڪراري منصوبن تي اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي،بلاول ڀٽو
ڪي پي ۽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو احتجاج روڪڻ لاءِ درخواست تي آءِ جي،گهرو وزير ۽ ٻيا طلب
پاڻي جي انتظام تي سنڌ جا خدشا بي بنياد ناھن، پاڻي سڀني جو گڏيل حق آھي
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر واري احتجاج لاءِ جهادي اسڪواڊ تيار
ڀارتي سپر اسٽار آلو ارجن جي فلم 300 ڪروڙ رپيا
ڪارڪنن جي گرفتارين تي حڪومت جي بي حسي واضح آهي: سيف
آئيني بئنچ ، مراد علي شاهه جي نااهلي واري درخواست رد
ڊالر 278 رپيا ٿي ويو،ايڪسچينج ۾ هاڪاري رجحان
وي پي اين استعمال ڪندڙن کي پڪڙڻ آسان نه هوندو: سجاد مصطفيٰ
سموري دنيا ۾ مهاڻن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي