اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) دنيا ۾ جنگين ۽ ڇڪتاڻ وڌڻ سبب جديد هٿيارن جي وڪري ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ آمرڪي ڪمپنين سڀني کان وڌيڪ منافعو ڪمايو آهي. اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ (ايس پي آر آءِ) جي تازي رپورٽ موجب سال 2023 ۾ سڄي دنيا ۾ وڪرو ٿيندڙ جنگي سامان جو 50 سيڪڙو اڪيلو آمريڪي ڪمپنين هٿيار وڪرو ڪيا. ان رپورٽ موجب آمريڪي ڪمپنين گذريل سال 317 ارب ڊالرن جا هٿيار وڪرو ڪيا. اسپري موجب چين ان فهرست ۾ آمريڪا کانپوءِ ٻئي نمبر تي آهي، جنهن جي ڪمپنين گذريل سال سڄي دنيا ۾ 130 ارب ڊالرن جا هٿيار وڪرو ڪيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دنيا جي 100 وڏين هٿيار ٺاهيندڙن ڪمپنين2023ع ۾ 632 ارب ڊالرن جو فوجي سامان وڪرو ڪيو، جيڪو 2022ع جي مقابلي ۾ 4.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. سڄي دنيا ۾ جاري تڪرارن سبب روس ۽ اسرائيل ۾ واقع ننڍين ڪمپنين جي منافعي ۾ وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. محقق لورينزو اسڪريزيٽو، جيڪو ايس پي آر سان لاڳاپيل فوجي خرچن ۽ هٿيارن جي پيداوار تي ويجھي نظر رکي ٿو، رپورٽ ۾ پيشنگوئي ڪئي آهي ته سال 2023 ۾ هٿيارن جي آمدني ۾ تيزيءَ سان اضافو ڏٺو ويو ۽ اهو واڌارو 2024 ۾ به جاري رهڻ جي توقع آهي. ياد رهي ته اسپري طرفان جاري ڪيل سئو ڪمپنين جي لسٽ ۾ ٻه ڀارتي ڪمپنيون به شامل آهن پر پاڪستان جي ڪا به ڪمپني شامل ناهي. 2018 کان 2023 تائين پنج آمريڪي ڪمپنيون دنيا جي 100 وڏين هٿيار ٺاهيندڙن ۾ ٽاپ لسٽ ۾شامل آهن. عالمي منڊي هٿيار وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جو ڪل انگ 41 آهي. گذريل سال انهن ڪمپنين ڪل 317 بلين ڊالرن جا هٿيار وڪرو ڪيا. آمريڪي بچاءَ واري کاتي موجب 2023ع ۾ سڀ کان وڌيڪ فوجي سامان يورپي ۽ اتحادي ملڪن کي وڪرو ڪيو ويو آهي. ڊفينس ڊپارٽمينٽ جي رپورٽ موجب هٿيارن جي وڪري ۾ واڌ جو هڪ سبب اهو به آهي ته ڪيترائي ملڪ پنهنجي فوجن کي نوان جنگي سامان ۽ هٿيارن سان ليس ڪري رهيا آهن، جنهن سبب جديد هٿيارن جي طلب ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. يوڪرين تي روس جي حملي کانپوءِ آمريڪي بچاءَ واري کاتي به گذريل سال هڪ رپورٽ ۾ فوجي سامان جي وڪري ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي هئي. ماهرن جو خيال آهي ته هن رپورٽ ۾ هٿيارن جي وڪري واري رقم اصل رقم جو اڌ به نه هوندي ڇو ته اڪثر ملڪ ۽ ڪمپنيون پنهنجي سفارتي مفادن سبب ڊيٽا ظاهر نه ڪندا آهن ۽ انهن جا ڪاثر وڏا سودا گري مارڪيٽ ۾ ثرڊ پارٽي ڊيل ذريعي ٿيندا آهن. دنيا جي ٽاپ 10 بهترين هٿيار ٺاهيندڙن ۾ 7 آمريڪي، ٽي چين ۽ هڪ هڪ روس ۽ برطانيه مان آهن. جڏهن ته 100 وڏين ڪمپنين جي لسٽ ۾ يورپ جون 27 ڪمپنيون آهن، جن جي 2023 ۾ ڪل آمدني 133 بلين ڊالر آهي. اسپري جي رپورٽ موجب ”روس جي گولا بارود جي ڪمپنين کي يوڪرين جي جنگ مان تمام گهڻو فائدو پهتو آهي ۽ هن اداري جي اندازي موجب روسي ڪمپنين جي آمدني ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ انهن وٽ 25 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ماليت جا هٿيار وڪرو ڪياآهن. 100 ڪمپنين جي لسٽ ۾ 9 چيني ڪمپنيون شامل آهن، جن جي 2023 ۾ ڪل آمدني 103 بلين ڊالر هئي. چيني معيشت جي سست رهڻ سبب 2022 جي ڀيٽ ۾ 2023 ۾ سندن وڪري ۾ رڳو 0.7 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جديد هٿيارن جي ٽيڪنالوجي سڀني کان وڌيڪ روس جي آهي، سياسي حالتن سبب روس ء۽ چين ۾ دفاعي تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ جديد روسي تيڪنالاجي ۽ چيني وسيلن جو ملڻ خطرناڪ هٿيارن جي اضافي جو سبب بڻبو. ڇو ته روس وٽ ميزائيل ۽ آبدوز سميت مختلف ٽيڪنالجيز آمريڪا کان به بهتر آهن. ٽي اسرائيلي ڪمپنيون پڻ دنيا جي سڀ کان وڏي هٿيار ٺاهيندڙن مان آهن. 2023 ۾ غزه جي جنگ جي شروعات کان وٺي، انهن ڪمپنين جو گڏيل وڪرو 13.6 بلين ڊالر ٿي چڪو آهي، جيڪو انهن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو وڪرو آهي. ٽن ترڪي جي ڪمپنين جي به 2023ع ۾ هٿيارن جي وڪرو ۾ 24 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. ترڪي نيٽو جو ميمبر آهي ۽ کيس نيٽو مان جديد ٽيڪنالاجي ملي رهي آهي. ترڪي ۾ جديد هٿيارن جي صنعت تيزي سان وڌي رهي آهي. هندستان هٿيارن جي پيداوار ۽ وڪرو ڪندڙ ملڪن جي فهرست ۾ سڀ کان ننڍن ملڪن ۾ شامل آهي. سال 2023 ۾ سندس ٽن ڪمپنين جي ڪل آمدني 6 ارب 70 ڪروڙ ڊالر هئي. دنيا ۾ هٿيارن جي اندسٽري تي جن ملڪن جي اجارا داري آهي انهن ۾ آمريڪا، چين، روس، فرانس، جرمني، اٽلي، برطانيا، اسرائيل، ڏکڻ ڪوريا ۽ اسپين شامل آهن.
عورتن جا ﺣﻖ
سنڌيار ڪراچي 12 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 12 ڊسمبر 2024ع
رابطا بحال، ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ تي اتفاق
چئن مهينن ۾ گيس ساڍا 800 سيڪڙو مهانگي ٿيڻ جو انڪشاف
شام جا ڪهڙا علائقا ڪهڙي گروپ جي قبضي ۾ آهن؟
ڏاج جي آڙ ۾ مارٽر۽ راڪيٽس جي اسمگلنگ ناڪام، زال ۽ مڙس گرفتار
’سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي بابت پ پ جو ٻٽو معيار آهي‘
سنڌ بزرگ شهرين کي سهولتون فراهم ڪندڙ پهريون صوبو
سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي وارڊن جي اپ گريڊيشن جو فيصلو
صنفي بنياد تي تشدد جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ ٺهراءُ پيش
چمبڙ ڀرسان باهه لڳڻ سبب پورهيتن جا 40 گهر سڙي ويا
پي ٽي آءِ چيئرمين جو 9 مئي واقعن تي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو
9 مئي حملا: نيازي جي ڀيڻ ڏوهي ۽ 8 ڪارڪن بي ڏوهه قرار
لاهور هاءِ ڪورٽ جو پنجاب ۾ ڪتا مار مهم روڪڻ جو حڪم
آپگهاتي حملو: طالبان وزير خليل الرحمان حقاني مارجي ويو
مدرسا تعليم واري وزارت وٽ رجسٽرڊ ڪرائڻ اسان جو حق آهي
جانورن ۾ گهوگهي بيماري پکڙڻ لڳي،اٺ ڍور مري ويا
سپريم ڪورٽ فون ٽيپنگ جي قانون کي مبهم قرار ڏئي ڇڏيو
اسرائيلي فوج پاران بفرزون ۾ وڌڻ جو سلسلو جاري،علائقن تي قبضو